مسجد نبوي صه ۾ نعرا هڻڻ تي ڪيترائي پاڪستاني گرفتار

سعودي حڪومت مسجد نبوي ۾ نعريبازي تي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سعودي سفارت خاني جي ميڊيا ڊائريڪٽر تصديق ڪئي آهي ته مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل واقعي ۾ ڪجهه پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني جو مدينه منوره جي مسجد نبوي صه ۾ نعريبازي ۽ حڪومتي ڪارروائي تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي. پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني جي ميڊيا ڊائريڪٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪجهه ماڻهن کي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ مقدس ماڳن جي توهين جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments