معاملو آئين يا پيڙهيل طبقي بابت هجي ته عدالتون رات 3 وڳي به کلنديون

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جيڪڏهن معاملو آئين يا پيڙهيل طبقي جو هجي ته عدالتون رات 3 وڳي به کلنديون. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ارشد شريف کي حراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ارشد شريف طرفان وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت هر ڪنهن لاءِ هتي موجود آهي، اوهان ڪاشف عباسي جو پروگرام ڏٺو آهي پروگرام ۾ حقيقتن جي تصديق کانسواءِ ڇا ڇا چيو ويو؟ هن چيو ته عدالت رات جو ڇو کلي، عدالتون رات جو 3 وڳي به کلنديون جيڪڏهن معاملو آئين يا ڪنهن پيڙهيل طبقي جو هجي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments