مـحـتـرمـه تـنـزيـلا قـمـبـراڻـي (ميمبر سنڌ اسيمبلي) زاهده ابڙو Sep 2020

تعارف:

منهنجو تعلق ماتلي شهر جي شيدي (قمبراڻي) برادريءَ سان آهي. منهنجو تعلق هڪ پڙهيل لکيل خاندان سان آهي، منهنجو والد وڪيل ۽ منهنجي ماءُ استاد هئي. خوشقسمتي سان اهي ٻئي محمد صديق مسافر جا شاگرد هئا. آئون سڀني ڀائرن ڀينرن کان ننڍي هئس، سڀني کان ننڍي هئڻ ڪري ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن جي پڙهائي جو اثر مون تي پيو، ننڍپڻ ۾ Tom Boy قسم جي ڇوڪري هئس، سبجيڪٽ ۾ مون کي رياضي پسند هئي. ڇوڪرين واريون رانديون تمام گهٽ کيڏيم، ننڍي هوندي بلورن ۽ بال سان کيڏڻ پسند هو، اهي سڀئي شوق جيڪي مڊل ڪلاس جي ٻارن جا هوندا آهن اهي سڀئي پورا ٿيا. انٽر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنسز ۾ مون ماسٽرز ڪئي ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. گڏوگڏ سوشل لائف به شروع ٿي وئي، 2010ع ۾ باقاعده منهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. تعلقي جي پريزيڊنٽ جي طور تي مون ڪم شروع ڪيو، جيڪو منهنجو هوم ٽائون ماتلي آهي. ان وقت اسان جي ليڊيز ونگ جي پريزيڊنٽ بيمار ٿي پئي هئي. ضلعي جي صدر مون کي چيو ته آئون ڪم کي ڏسان، جيستائين اسان جي ليڊيز ونگ جي زينب ٺيڪ ٿي اچي. بدقسمتي سان هوءَ ان بيماريءَ مان نڪري نه سگهي ۽ انتقال ڪري وئي ۽ ان کانپوءِ سڄي ذميداري مون کي سونپي وئي. ان کانپوءِ چونڊون شروع ٿي ويون ۽ ان ۾ ڪنهن به عهديدار جو جيڪو ڪردار هجڻ کپي اهو مون ڀرپور طريقي سان نڀايو. ان کانپوءِ پارٽيءَ جي مهرباني سان مون کي Reserve سيٽ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو. پارٽي مون تي تمام گهڻي مهربان رهي نه رڳو ايترو ته هڪ شيدي ڪميونٽي جي عورت کي هنن Reserve سيٽ لاءِ نامزد ڪيو، پر مون کي چيئر پرسن ميونسپل ڪميٽي لاءِ به نامزد ڪيو ويو. هڪڙي ڳالهه چوندي هلان ته پاڪستان يونائيٽيڊ نيشن جو سگنيٽري آهي يونائيٽيڊ نيشن هڪڙو ڏهاڪو نامزد ڪيو هو جيڪو 2015 کان 2025 تائين آهي، جنهن ۾ پوري دنيا جي سڀني ملڪن جي شيدين لاءِ خاص فنڊ رکيا ويا جنهن ۾ انهن جي تعليم ۽ انهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اهي فنڊ رکيا ويا هئا ۽ پلاننگ ڪئي وئي هئي. پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ان کي گهڻو سنجيدگيءَ سان نه ورتو، پر بلاول صاحب جي سڀني کي خبر آهي ته هو بين الاقوامي قاعدن قانونن کي ڪيتري حد تائين سنجيدگيءَ سان ڏسندو آهي. هن هڪ بريڪ ٿرو ڪيو ۽ شيدي ڪميونٽي جي هڪ عورت کي موقعو فراهم ڪيو. منهنجي لاءِ اهو مشهور هو ته آئون سٺي ساک رکندڙ ورڪر آهيان، خانگي طور ايشين بينڪ ۾ فنانس ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهي هئس ته جڏهن منهنجو نالو نامزد ڪيو ويو ته اسان جي پنهنجي شهر جي ماڻهن اعتراض ڪيو ته مون کي نامزد نه ڪيو وڃي ته جيئن آئون چيئر پرسن نه ٿي سگهان.

سوال: توهان سياست ۾ اچڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو انتخاب ڇو ڪيو پ پ جتي هر دلعزيز پارٽي آهي ته ساڳي ئي وقت تنقيد جي زد ۾ به رهي ٿي.

جواب: اسان جي ڪميونٽي جو لاڙو هميشه پ پ ڏانهن رهيو آهي، منهنجو والد به پيپلز پارٽي جو ميمبر هو، اهي فارم اڃان به اسان جي گهر ۾ موجود آهن جنهن ۾ بابا ۽ گهر جي خواتين جي ميمبرشپ پ پ ۾ ٿي هئي ته اهو تعلق اڄ جو ڪونهي پ پ سان تعلق نسلن جو آهي. حقيقت اها آهي ته مون کي اهو احساس آهي ته گراس روٽ ليول تي پ پ  واحد پارٽي آهي جيڪا ماڻهن جا مسئلا ٻڌي ٿي ۽ حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. مون گهڻو وقت سوشل ورڪر طور ڪم ڪيو، ان وقت ۾ مون کي ٻين سياسي پارٽين ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ڪميونيڪيشن گيپ نظر آيو ۽ پ پ سڀني کان وڌيڪ پنهنجن ماڻهن سان ڳنڍيل آهي. هيءَ اها پارٽي آهي جنهن جون پاڙون ماڻهن جي دلين ۾ آهن. پارٽي جو مينيفيسٽو کڻي ڏسو ته توهان کي خبر پوندي ته ان ۾ گهڻو ڪري انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي يا ان ماڻهوءَ کي بينيفشري سمجهيو وڃي ٿو جيڪو اينڊ يوزر آهي. ڪنهن به جاءِ تي پارٽي ماڻهن کي نظر انداز نٿي ڪري جيڪي هن ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. ان لاءِ ان وقت ۾ جڏهن آئون فيصلو ڪري سگهيس پئي ته ٻي ڪا پارٽي جوائن ڪريان، ان وقت مون فيصلو ڪيو ته هيءَ واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي سماجي قدرن جي پاسداري ڪندي اڳيان وڌڻ چاهي ٿي.

سوال: پر هن وقت سنڌ جو عوام ته توهان جي پارٽي جي ڪارڪردگي مان خوش نظر نٿو اچي ڇو ته هن جو چوڻ آهي ته عوام جا مسئلا حل نٿا ٿين.

جواب:  منهنجو مڃڻ آهي ته تنقيد اتي ڪئي ويندي آهي جتي توهان کي ڪا اميد هوندي آهي ته هتان اسان کي ڪجهه ملندو ۽ جتي نااميدي هوندي آهي اتي ڪابه تنقيد ناهي ٿيندي صرف خاموشي هوندي آهي. اتي ڪنهن به قسم جو صلاح يا مشورو ناهي هوندو. آئون مڃان ٿي ته پ پ سنڌ جا سئو فيصد مسئلا حل نه به ڪيا هوندا ۽ جيڪي مسئلا حل نه ٿيا آهن انهن جي لاءِ دانهن به اچي ٿي ۽ دانهن ٿيندي رهندي. ان کي اسان مثبت انداز ۾ ڏسندي ويلڪم ڪريون ٿا. ڇو ته جيڪا تبديلي مثبت نموني ۾ اچي ۽ ماڻهن لاءِ آندي وڃي، اهو صحتمند معاشري جو حصو آهي. ويهه سال پهرين جيڪڏهن توهان وڃي ڏسو ته ان وقت ۾ ۽ اڄ جي وقت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. مسئلن جو تناسب شايد ساڳيو ئي هجي ڇو ته دنيا تبديل ٿيندي ٿي رهي ۽ ماڻهن جون گهرجون تبديل ٿينديون ٿيون رهن. آئون اهو ئي چونديس ته اهي اسان جا پنهنجا آهن ان ڪري اهي اسان سان شڪايتون به ڪن ٿا ۽ اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسين ئي انهن مسئلن جو حل ڪڍنداسين.

سوال: سنڌ جي ڏهه لک ماڻهن ٽوئيٽر تي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجو هڪڙو مسئلو کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو جيڪو ڌارين کي ڊوميسائل ۽ پي آر سين ڏيڻ مٿان هو، پر اڃان تائين ان جو رزلٽ ماڻهن جي اڳيان ناهي آيو.

جواب:  توهان بلڪل صحيح چيو ته ٽوئيٽر تي ون ملين ماڻهن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پنهنجي راءِ ڏني ۽ اميد ڏيکاري ته پ پ ان مسئلي کي حل ڪري. پيپلز پارٽي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن تي آپوزيشن تمام گهڻي تنقيد ڪئي اسان انهن کي دعوت ڏني ته هو به ان ۾ شامل ٿين. اسان انهن کي ان ڪري دعوت ڏني ڇو ته اسان صاف ۽ شفاف ڪم ڪرڻ چاهيون پيا. اسان ڪٿي به دنگ ناهي ڪيو اڃان اسان وٽ جيڪا ڊيٽا جمع ٿي آهي اسان جو مقصد اهو آهي ته اسان جيڪا به پاليسي ٺاهيون اها سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿئي. اسان کي تمام گهڻي ڊيٽا ملي آهي ۽ جيڪڏهن اسان هينئر ٻن ٽن ضلعن ۾ انهن کي ايڪسپوز ٿا ڪريون يا سزائون ڏيون ٿا ته ٻين ضلعن ۾ جتي هاڻي اسان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي اهي الرٽ ٿي ويندا ۽ جيئن ته هي سڄو پيپر رڪارڊ آهي ته هو انهن ۾ ڦير گهير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. پ پ جو مقصد آهي ته جيڪو به عمل ڪيو وڃي اهو سڄي سنڌ ۾ يڪسان ٿئي. پهرين سڄي سنڌ مان ڊيٽا ڪليڪشن جو ڪم مڪمل ٿي ويندو ان کانپوءِ انهن چورن جنهن سنڌ جي عوام جو انهن جي ٻارن جو حق کاڌو آهي، توهان جي ۽ اسان جي ٻارن جو حق کاڌو آهي، انهن کي ڀڄڻ جو ڪو گس نه ملي. انهن کي کسڪي وڃڻ يا پنهنجي بچاءُ جو موقعو نه ملڻ گهرجي. ان ڪري اهي نالا جيڪي هينئر اسان کي مليا آهن ۽ ان تي جيڪو اسان کي ايڪشن کڻڻو آهي اهي في الحال لڪل آهن.

سوال: تازو ئي مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان جي تقرري جو مسئلو سڄي ميڊيا تي هاءِ لائيٽ ٿيو ڇو ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ان ڪيڊر تي پ پ حڪومت مقرر ڪيو جيڪو آئيني ۽ اخلاقي طور تي غلط هو. ڇا توهان نٿا سمجهو ته ان قسم جي فيصلن سان توهان جا ليڊر پارٽي کي نقصان رسائي رهيا آهن.

جواب:  توهان کي خبر آهي ته ان ڪيڊر جون سروسز وفاقي حڪومت ٽرانسفر ڪندي آهي. ميڊيا تي گوڙ ٿيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ کي آئين ۽ اخلاق جي منافي مقرر ڪيو ويو آهي. پهرين ته وفاقي حڪومت کان اهو سوال پڇڻ کپي ته هنن ان کي سنڌ ڇو اماڻيو، اسان جيڪڏهن ڪو آفيسر گهريو ۽ سچي ڳالهه آهي ته اسان فيڊرل گورنمينٽ کان الائي ڪيتريون شيون گهرون ٿا جيڪو اڄ تائين اسان کي نه مليون آهن. ڪورونا جي ڏينهن ۾ اسان جون روز ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ اسان مختلف درخواستون موڪليندا هئاسين، پر اسان کي گهڻيون شيون نه مليون اسان کي بجلي جي مد ۾ ڇا ٿو ملي، پاڻي جي ڇا صورتحال آهي، ٽيڪس جي مد ۾ ڇا ٿو ملي، فنانس جي مد ۾ ڇا ٿو ملي، اسان گهرون ڇا ٿا ملي  ڇا ٿو. منهنجو چوڻ اهو آهي ته سروسز ٽرانسفر ڪرڻ وارن ادارن کي خبر هجڻ کپي ته هو ڪنهن کي موڪلي رهيا آهن، اسان جي مٿان هميشه اها تنقيد ڪئي ويندي آهي ته اسان پنهنجا جيالا ئي پوسٽن تي رکون ٿا. جيئن ته مولانا اسان جي پارٽي جو ماڻهو ڪونهي ۽ اسان هڪڙي ٽئين ماڻهو کي ان پوسٽ تي رکيو آهي جنهن جو مقصد اهو هرگز ڪونه هو ته پي ٽي آءِ کي يا ايم ڪيو ايم کي ٽف ٽائيم ڏيڻو آهي. اسان اهو سوچيو ته هڪڙو اهڙو ماڻهو ايندو جيڪو نيوٽرل هوندو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون وينديون. اسان جي نيت اها هئي ته هو سڀني جا مسئلا حل ڪندو چاهي ان جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي، پر ميڊيا ان کي اهڙي طريقي سان هاءِ لائيٽ ڪيو جنهن جو اسان سوچو به ڪونه هو. جيڪڏهن اسان کي پنهنجا ڪم ڪرائڻا هجن ها ته سنڌ ۾ سنڌ جا جيالا ٿورا ته ڪونه آهن جيڪي بيورو ڪريٽ به آهن ۽ سٺن عهدن تي آهن جن مان آرام سان ڪيترائي هن پوسٽ تي ويهي سگهيا پئي. پ پ جو مقصد صرف خدمت ڪرڻ آهي ۽ هو پارٽيءَ جي حد بندين کان آزاد ٿي ڪري خدمت ڪرڻ چاهي ٿي.

سوال: توهان جو موقف بلڪل درست آهي، پر عوام سوچي ٿي ته مولانا فضل الرحمان سان ڪجهه ڏينهن پهرين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ٿي هئي، ان کان علاوه زرداري جي به سندس سٺي انڊر اسٽيڊنگ آهي ۽ اها تقرري يقينن ڪنهن سياسي ايجنڊا جي تحت ڪئي وئي هئي ۽ سنڌ جي ٽئلينٽ کي نظر انداز ڪيو ويو هو.

جواب:  ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مولانا صاحب مختلف اسٽيجن تي پ پ سان گڏ بيٺل رهيا هئا ۽ سياست آهي ڪافي پوائنٽ تي گڏ بيٺل هئا ۽ ڪجهه جاين تي اسان کان الڳ به ٿي ويا. منهنجو خيال آهي ته ان قسم جي تقرري جرنل هوندي آهي اها سياسي ايجنڊا کان هٽي ڪري هوندي آهي. جيستائين آئون ميڊيا کي ڏسان پئي ته اهو تصور پيدا ٿي رهيو آهي ته هن وقت مولانا صاحب پي ٽي آءِ جي اها مخالفت نه پيو ڪري جيڪا پ پ ۽ ن ليگ ڪري رهيون آهن. پوءِ توهان جي ڳالهه جي ابتڙ مولانا صاحب ته اسان سان نه پر پي ٽي آءِ سان بيٺل نظر ٿو اچي.

سوال: عوام جي راءِ جي مطابق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کانپوءِ جڏهن کان پارٽي زرداري صاحب جي هٿ ۾ آئي آهي ته اها پنهنجي آئيڊيا لوجي وڃائي چڪي آهي. هڪ ايم پي اي جي حيثيت سان توهان جي راءِ ڇا هوندي.

جواب:  توهان پيپلز پارٽي جي مينيفيسٽو کي ڏسي وٺو، پيپلز پارٽي جي ترجيح کي ڏسي وٺو ان مان توهان کي ڪٿي به اهو نظر نه ايندو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اصل Vision کي وڃايو آهي جيڪو ڀٽو صاحب کان بي بي کي ٽرانسفر ٿيو ۽ جيڪو هاڻي بلاول صاحب تائين پهتو آهي. هن وقت مڪمل طور تي پارٽي کي بلاول صاحب ڊيل ڪري رهيو آهي. اهو چوڻ ته اجايو آهي ته پارٽي جي نظرياتي اثاث وڃائجي چڪي آهي ڇو ته هيءَ پارٽي ڀٽو صاحب جي ويزن کانسواءِ اڳتي وڌي ئي نٿي سگهي. ماضيءَ ۾ هميشه اهو به ٿيو آهي ته هن پارٽيءَ کي مختلف طريقن سان دٻايو ويو آهي ۽ تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به پارٽي کي ايئن دٻايو ويو آهي ته پارٽي ڪنهن چشمي وانگر وري ڦٽي نڪتي آهي. هن وقت به پارٽي کي مختلف طريقن سان محدود ڪرڻ جي ۽ ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان کي يقين آهي ته هينئر پيپلز پارٽي وري نئين سري کان اڀرندي ۽ اها سڄي پاڪستان جي سطح تائين توهان کي نظر ايندي. اسان جو ويزن تبديل نه ٿيو آهي، پارٽي جو ويزن هميشه عوام ۽ جمهور رهيو آهي ۽ جمهور کي فائدو ڏيڻو هجي ته پوءِ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته توهان عوام جي دلين مان ختم ٿيو. ڀٽو صاحب هن پارٽي کي عوام جي دلين ۾ قائم ڪيو، ان ٻوٽي کي محترمه پاڻي ڏيندي بلاول صاحب تائين پهچايو آهي. ان قسم جا مختلف رايا پٺين ڏينهن ۾ ڪيترائي ٿي چڪا آهن. زرداري صاحب جي خلاف جيڪي ڳالهيون هليون هيون، پوءِ جڏهن مولانا صاحب سان سندن ملاقات ٿي ته ماڻهن کي ان جا جواب ملي ويا. ان راءِ جو به جواب وقت سان گڏ اچي ويندو، ڇو ته زرداري صاحب جي خلاف ڪي گهٽ پروپيگنڊا ناهن ٿيا. آئون ذاتي طور تي اهو ٿي سمجهان ته اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا عورت اڳيان اچي ٿي وڃي ته ان جي گهر واري جي لاءِ الائجي ڇو اسان جي دلين ۾ نرم گوشو ناهي هوندو، پر جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن اعليٰ عهدي تي پهچي ٿو ته ان جي گهر واري کي اهي ساڳيا فائدا ملندا آهن ته اهو ان جو حق سمجهيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ عورت جي گهر واري کي ته مجرم سمجهو ويندو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو حق ڏيڻ جي لاءِ اسان جو سماج تيار ڪونهي. آئون سمجهان ٿي ته ان سوچ جي به زرداري صاحب کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڇو ته منهنجو تعلق به سياست سان آهي ۽ آئون هڪ مڊل ڪلاس سان تعلق رکان ٿي، هڪ عورت جي حيثيت سان آئون انهن سڀني شين کي ڀوڳيان پئي. ماڻهو اهو ڪونه چاهيندا آهن ته منهنجو گهر وارو ڪنهن معاملي ۾ مداخلت ڪري يا مون سان گڏ بيهي.

سوال: ڇا توهان جي گهر واري کي به ان قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي؟

جواب:  اسان وٽ جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مقام تي پهچي ٿي ۽ اتي  اهي Privileges ان کي ملن ٿا ته ان کي اهو حق نٿو ڏنو وڃي ته هوءَ ان ۾ حصيدار بڻجي. آئون خوشقسمت آهيان جو منهنجو گهر وارو منهنجو سٺو دوست به آهي ۽ هن ڪڏهن به اهڙين شين کي محسوس ناهي ڪيو ۽ هو انهن سڀني شين کي سسٽم جو حصو سمجهي قبول ڪري ٿو ۽ منهن ڏئي ٿو.

سوال: هونئن ته سڄي پاڪستان ۾ هن وقت ڪرپشن عام آهي، پر سنڌ جي لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ڪرپشن وڌيڪ آهي ۽ هتي ڪرپشن سواءِ توهان جي ڪابه جائز ضرورت پوري نٿي ٿي سگهي. ان سان پيپلز پارٽي کي تمام گهڻو نقصان به ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن غربت وڌندي پئي وڃي ۽ ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، ان جو ڇا سبب آهي؟

جواب: پهرين ته توهان چيو ته باقي ٽن صوبن جي نسبت سنڌ ۾ ڪرپشن وڌيڪ آهي. آئون وڌيڪ پٺتي به نٿي وڃان ٻه ڏينهن پهرين لاهور ۾ مينهن پوڻ سبب پاڻي جي ڇا صورتحال هئي؟ ان کان ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي ۾ صورتحال خراب ٿي ڪجهه حادثا پيش آيا اسان چئون ٿا ته واقعي اسان جون ڪوتاهيون به آهن ۽ ايئن نٿا چئون ته اسان کان غلطيون ناهن ٿيون، پر انهن سڀني شين جي لاءِ مڪمل طور تي سنڌ سرڪار کي قصوروار ڄاڻايو ويو ۽ لاهور ۾ ساڳي صورتحال تي اهي بيان ڏنا ويا ته تمام گهڻي برسات پوڻ سبب پاڻي بيهي رهيو ۽ خراب صورتحال پيدا ٿي. اهو تعصب جيستائين ختم نه ٿيندو ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه خراب ٿئي ٿو ته اهو سنڌ حڪومت جي ڪري آهي، پر ٻين صوبن ۾ جيڪو ٿئي ٿو اهو موسم جي ڪري آهي. هن وقت توهان ڏسو ته مهانگائي ڪيتري چوٽ چڙهيل آهي. جيتري ڪرپشن هن حڪومت ۾ ٿي آهي توهان انگ اکر کڻي ڏسو ته روزاني جي بنياد تي ڪرپشن ڪيتري تيزي سان وڌي رهي آهي، پوءِ توهان کي خبر پوندي ته باقي ٽن صوبن ۾ جيڪا حالت آهي اها سنڌ ۾ ناهي. وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري جيڪو ڪجهه اسان کي ڀوڳڻو پوي پيو، اسان ان کي به مائنس ٿا ڪريون، پر وفاقي حڪومت جيڪا ٻين ٽن صوبن جي حالت ڪئي آهي اها ڏسڻ جهڙي آهي. يقينن اسان ڊگهي عرصي کان سنڌ ۾ ويٺل آهيون ۽ سنڌ جا اسٽيڪ هولڊر آهيون ۽ ايندڙ ٽرم ۾ به اسان اميد رکون ٿا. اسان کان ڪجهه ڪوتاهيون ٿيون هونديون، پر جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ته ڪرپشن سنڌ ۾ ئي ٿي رهي آهي ته اهو تعصب کانسواءِ ڪجهه ناهي.

سوال: وفاق برسات جي صورتحال کانپوءِ ڪهڙو سبب آهي جو ٻين صوبن ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، پر ڪراچي ۾ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ذريعي مداخلت ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت اهڙي حرڪت تي پنهنجو ڪوبه مضبوط موقف نه ڏيئي سگهي آهي ۽ اهڙي قدم کي آئيني طريقي سان روڪي نه سگهي آهي. ڇا ان جي پٺيان سنڌ حڪومت جي ڪا ڪمزوري آهي؟

جواب: هيءَ حڪومت 2018 ۾ جيئن آئي آهي، هر ٻن ٽن مهينن کانپوءِ گورنر راڄ جي ڳالهه ٿي ڪري ۽ بار بار ان قسم جو موقف سامهون ايندو رهندو آهي ته هاڻي ڏهه ماڻهو ٿي ويا، ويهه ٿي ويا، سٺ ٿي ويا سنڌ گورنمينٽ ختم ٿيڻ واري آهي. ان قسم جو گوڙ ٻئي هنڌ ڪٿي به نه ملندو جيڪو سنڌ ۾ ملندو. علي زيدي هڪ ڀيرو چيو ته آئون ڪراچي صاف ڪندس، ناصر شاهه ان وقت لوڪل گورنمينٽ جو وزير هو، هن سندس ان ارادي کي ويلڪم ڪيو، هن کيس چيو ته اسان جيڪو به ڪم ڪريون پيا اهو عوام جي اکين جي اڳيان آهي توهان به ڀلي اچي اسان سان شامل ٿيو توهان به ڪراچي جا اسٽيڪ هولڊر آهيو جيڪو به سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو اهو ڀلي اچي. اسان کي اهو خوف ڪونهي ته اسان کان ڪا شيءِ ڦرجي ويندي. توهان بلڪل صحيح پيا چئو ته وفاق سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مداخلت ڪري ٿو، هن حڪومت جي پهرين ڏينهن کان وٺي ويندي ڪووڊ-19 واري مسئلي تي سنڌ کي سڀني کان وڌيڪ ڀوڳڻو پيو. ڇو جو وفاق بي وقتو مداخلت ڪندو رهيو، ڇو ته جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون رهيون انهن ۾ فيصلا هڪڙا ٿيندا هئا، پريس ڪانفرنس ۾ وري ٻيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ جڏهن فيصلن تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ته وري ٽيون ڳالهيون ڪرڻ، اهي سڀ شيون سنڌ جي گورننس کي متاثر ٿيون ڪن.

سوال: آئون توهان کان هڪ اهم سوال ٿي پڇڻ چاهيان مان پاڻ به تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهي آهيان. هن وقت سنڌ ۾ تعليم جو شعبو تمام پٺتي ٿيندو پيو وڃي، ڪورونا کانپوءِ واري صورتحال ۾ اسان ڏهه سال پٺتي ٿي ويا آهيون. پيپلز پارٽي ان سڄي صورتحال کي ڏسندي تعليم کي اپ لفٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي منصوبا بندي ڪئي آهي.

جواب:  پاڪستان ۾ ڪورونا واري صورتحال کانپوءِ سنڌ پنجاب اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته اسان جي لاءِ ٻارن جو تحفظ اهم هو. ان کانپوءِ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان گڏ چئن صوبن جون گڏجاڻيون ٿيون هيون ۽ انهن ئي گڏجاڻين جي نتيجي جي ڪري اڃان تائين اسڪولن جي کلڻ تي پابندي آهي. اميد آهي ته جلدي اسڪول کلندا سنڌ ۾ اسان هڪڙي ٻي پروگريس ڪئي آهي ته تعليم جي لاءِ اسان هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. ڪورونا جي ڪري جيڪي به فيصلا ڪرڻا هئا اهي صرف تعليم جي وزارت يا سنڌ حڪومت نه ڪري رهي هئي، سنڌ وٽان جيڪي به صلاحون وفاق وٽ وڃي رهيون هيون اهي سنڌ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي طرف کان وڃي رهيون هيون جنهن ۾ سنڌ جا سڀئي خانگي اسڪول، يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪولن جا جيڪا اسٽيڪ هولڊرز آهن اهي سڀ ان جو حصو آهن. ڊويزن ليول کان وٺي صوبي تائين ان ۾ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به شامل آهن، آئون پاڻ به ان ڪميٽي جو حصو آهيان. ان ڪميٽي ۾ اسان هر شيءِ کي بحث هيٺ آڻيون ٿا. جيڪڏهن سسٽم ڪليئر ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اسان جو مائنڊ ڪليئر آهي ته اسان اسڪول ڪيئن کولينداسين انهن جا ايس او پيز ڇا هوندا. اسان ٻارن جي زندگين لاءِ ڪوبه خطرو نه کڻنداسين، حالانڪه اسان جا خانگي اسڪول اسان کان مستقل اها گهر ڪري رهيا آهن ته اسان اسڪول کوليون، اسان کي خبر آهي ته رڳو اسڪول وڏن شهرن ۾ ڪونهن، پر اسان جي اسڪولن جا ٻار ٽنڊي ٺوڙهي ۾ به پڙهن ٿا. اسان کي اها به خبر آهي ته آن لائين ڪلاس، ڪلاس روم جا متبادل ٿي نٿا سگهن. ايندڙ ڏينهن لاءِ اسان جو پورو پلان تيار آهي.

سوال: ٻارن جي فاسٽ لرننگ جي لاءِ اوهان وٽ ڪهڙو پلان آهي؟ جنهن سان پڙهائي ۾ جيڪو گيپ آيو آهي ان گيپ کي پورو ڪري سگهجي.

جواب:  ان جي لاءِ آئون اهو چونديس ته اسان وٽ هڪڙو نه بلڪه پلان-اي، پلان-بي ۽ پلان-سي آهن. جيڪڏهن آگسٽ تائين حالتون بهتر ٿي ٿيون وڃن ته پوءِ اسان ان کي ان طريقي سان رکنداسين ۽ اسان ڪورس کي مختلف حصن ۾ ورهايو آهي ۽ پلان-بي ۾ حالتون ڊسمبر تائين جيڪڏهن ساڳيون رهنديون ان جي لاءِ وري اسان جي پلاننگ بلڪل الڳ آهي ۽ اسان کي ڪا خبر ڪونهي ته اسان 2021ع تائين جيڪڏهن وڃون ٿا ته ان لاءِ پلان-سي آهي جيڪو آئون توهان سان مڪمل طور تي ڊسڪس نٿي ڪري سگهان. ان جا ڪجهه سبب آهن جو اسان اهي سڀ شيون هن وقت ماڻهن جي اڳيان يا ٻارن جي اڳيان نٿا آڻڻ چاهيون ته ماڻهو يا ته بلڪل  رليڪس ٿي وڃن يا خوفزده نه ٿي وڃن. ان سان گڏ خانگي اسڪولن جو في مڪينزم به شامل آهي اهو به متاثر ٿي سگهي ٿو. اميد آهي ته پلان-سي واري صورتحال نه ايندي. ڇو ته ان جي لاءِ اسان کي تمام سخت قدم کڻڻا پوندا. جنهن ۾ پوءِ اسان کي تمام ڳرا فيصلا ڪرڻا پوندا ٻارن جي تعليم جا، جيڪي شايد انهن جي عمر ۽ وقت جي لاءِ مناسب نه رهن.

سوال: پيپلز پارٽي سڀني کان وڌيڪ پروگريسو ۽ جمهوري سوچ رکندڙ پارٽي آهي ۽ ان جي آئيڊيالاجي به ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ سڀني کان بهتر آهي، پر پيپلز پارٽي هن وقت سنڌ ۾ صحافت ۽ صحافين کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دٻاءُ جو شڪار به ڪري رهي آهي ان جا ڪيئي مثال ملن ٿا ۽ ان کان علاوه انهن اخبارن ۽ رسالن کي جيڪي بلڪل غير جانبدار آهن انهن سان سنڌ حڪومت جو ڪوبه سهڪار ڪونهي، ايئن ڇو آهي؟

جواب:  آئون بي بي جي دور کان ڳالهه شروع ڪنديس جنهن ميڊيا جي آزادي لاءِ ڪاريون پٽيون به ٻڌيون، ميڊيا سان گڏ مٿا به ڦاڙايا ۽ جيل به ڪاٽيا. هينئر به وفاقي سطح تي ڏسو ته ميڊيا جا هٿ پير ٻڌي ان کي ڪيڏو محدود ڪيو ويو آهي. صحافين تي ذاتي حملا ٿين ٿا، انهن جي خاندانن تي حملا ٿين ٿا، انهن جي ڪردارن تي حملا ٿين ٿا. سنڌ حڪومت اهڙن قدمن کي هميشه ننديو آهي. پيپلز پارٽي ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ميڊيا جي آزادي کانسواءِ ڪوبه ملڪ ترقي جي راهه طرف سفر نٿو ڪري سگهي. ادارن ۾ يقينن ڪجهه اهڙا ماڻهو ويٺا هوندا آهن ۽ اهي ماڻهن کي ان طرح سان سپورٽ ناهن ڪندا ته ان جي لاءِ اسان ويٺا آهيون ۽ اسان مڪمل طور تي ملڪ بيورو ڪريسي جي حوالي نٿا ڪري سگهون. پ پ هميشه پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهڻ چاهيندي آهي. هڪڙو ماڻهو جيڪو ڪچي مٽي لمبي رهيو آهي ان کي به پ پ پنهنجو ماڻهو سمجهي ٿي ۽ جيڪو قلم جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي ۽ اهو سنڌ ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ وڙهي رهيو آهي اهو به پ پ جو آهي.

سوال: پيپلز پارٽي هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي، پر لوڪل گورنمينٽ جي سطح تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماڻهن کي فنڊس نٿا ڏنا وڃن، انهن جي ليڊرشپ کي روڪيو ٿو وڃي، انهن کي اهي اٿارٽيز نٿيون ڏنيون وڃن جيڪو هنن جو حق آهي. ڪراچي ۾ به ايم ڪيو ايم کي مڪمل اٿارٽي مليل ڪونهي ۽ اهي ڪم جيڪي لوڪل گورنمينٽ جي ڪرڻ جا آهن اهي به ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪن ٿا. ڇا ان جو سبب پ پ کي ڪو ٿريٽ ته ناهي؟

جواب:  مون پنهنجو ڪيريئر هڪ ڪائونسلر جي حيثيت سان شروع ڪيو آئون لوڪل گورنمينٽ جو حصو رهي آهيان. ڪائونسل ۾ باقائده جهڙي طرح سان اسيمبلين جا اجلاس ٿين ٿا ايئن ئي ٿيندا آهن، انهن جا پراپر فنڊ هوندا آهن جنهن جو ذميدار هر ڪائونسلر پاڻ هوندو آهي. انهن کي اختيار هوندو آهي ته هو ان فنڊ کي ڪٿي ۽ ڪهڙي طرح استعمال ڪري ٿو. ها انهن جي پلاننگ جي ليول تمام وڏي نه هوندي آهي، پر فنڊ هر ليول تي اچن ضرور ٿا. صرف وارڊ ليول تي فنڊ ناهن ڏيندا. ڪراچي جهڙي ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ته ان جي وڌيڪ سخت ضرورت آهي، ميئر صاحب بار بار اهو چون ٿا ته “اختيار” ته ڇا بندوق کڻي ان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏبي. پهرين جيڪي انهن ڪم ڪيا آهن انهن جو ته حساب ڪتاب ٿيندو. اسان مڃون ٿا ته جيڪي پئسا انهن کي ملن ٿا اهي ايترا ناهن جو ڪراچي جا مسئلا حل ڪري سگهن، پر جيترا به مليا ته ان جو حساب ڪتاب انهن کي ڏيڻو ئي پوندو. مون کي توهان جي ان راءِ سان بلڪل اتفاق آهي ته لوڪل گورنمينٽ جي قانونن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سي ايم صاحب اڳئي ان تي پنهنجا حڪم جاري ڪري چڪا آهن، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ وقت سان يقينن اختيارات جو معاملو آهي جنهن کي وڌايو ويندو ۽ انهن جي فنڊنگ کي وڌائڻ تي به غور ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان ان جي باري ۾ سنجيده نه هجون ها ته پوءِ ڪڏهن به ان تي غور نه ڪيو وڃي ها، پر وفاق جيئن چوي ٿو ته سڄي ملڪ ۾ جيئن هو چاهين ٿا ان طريقي سان قانون نافذ ڪيو وڃي. اهو اسان سمجهون ٿا ته ارڙهين ترميم جي لتاڙ آهي. لوڪل گورنمينٽ صوبن جو اختيار آهي ۽ ان جي لاءِ قانون سازي به صوبن جو ئي حق آهي. اسان جيڪا به قانون سازي ڪنداسين اها پنهنجي صوبي کي ۽ ارڙهين ترميم کي سامهون رکي ڪنداسين. اهو اسان بلڪل به نه چاهينداسين ته وفاقي حڪومت اسان کي ڊڪٽيشن جي طور تي هڪڙو پنو سامهون رکي ڇڏي ۽ چوي ته سڄي پاڪستان ۾ هڪڙي ئي قانون مطابق ڪم ڪيو وڃي. پ پ ارڙهين ترميم جي فائونڊر آهي ۽ ان ترميم جي پ پ گهٽ ۾ گهٽ توهين ٿيڻ نه ڏيندي.

سوال: پيپلز پارٽي جنهن لاءِ يقين رکيو ٿو وڃي ته اها هڪ مضبوط جمهوري پارٽي آهي، پر بينظير ڀٽو کانپوءِ اهو چيو ٿو وڃي ته هوءَ جڏهن به حڪومت ۾ آئي آهي ته پٺيان ڊيل ڪري اچي ٿي. هن وقت به سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري آئي آهي ۽ اڳيان به جيڪا اليڪشن ٿيندي ان ۾ به شايد ڊيل ڪري ايندي. ڇا اسان سمجهون ته ان ڊيل جي نتيجي ۾ پ پ ارڙهين ترميم کي به قربان ڪري سگهي ٿي؟

جواب:  ٻن سالن ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سليڪٽڊ ڪير آهي. 24 مهينن اهو صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سليڪٽڊ ۽ اليڪٽڊ ماڻهن جو فرق ڇا آهي. ٻن سالن جي وقت ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪهڙا ماڻهو عوام لاءِ ٿا سوچين ۽ ڪهڙا ماڻهو اقتدار جو سوچين ٿا. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڊيل ڪري رهي هجي ها ته اسان پنهنجي اپوزيشن کي ايترو اوپن گرائونڊ نه ڏيون ها. جيڪڏهن پ پ جمهور جي پارٽي نه هجي ها ته شايد پ پ زنده ئي نه هجي ها. جيڪڏهن ڊيل ڪري اچون ٿا ته اسان جا ووٽ گٽرن مان يا پاڻين جي ٽانڪين مان نه ملن ها. پ پ تي چاهي ڪيترو به ڏکيو وقت اچي وڃي چاهي ڪيترو به وقت اسان کي کاٻي ڌر جي سياست ڪرڻي پوي. پيپلز پارٽي پنهنجن اصولن تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪندي. توهان چيو ته ڀٽو صاحب ۽ بينظير صاحبه جيڪي تڪليفون ڏٺيون، هن وقت جڏهن دنيا گلوبل ورلڊ ٿي چڪي آهي اهڙي وقت ۾ به فريال ٽالپر کي عيد جي رات کنڀي کنيو ويو ۽ ڪافي عرصو کيس جيل ۾ رکيو ويو ۽ آصف علي زرداري صاحب به هن وقت ضمانت تي آهن، ان جي طبيعت کي وٺي پروپيگنڊا ڪيو ويو. اڃان تائين به مٿن ڪوبه الزام ثابت ناهي ٿي سگهيو. اهڙا الزام ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن تي لڳل آهن، پر انهن اڄ ڏينهن تائين جيل جو منهن به ناهي ڏٺو، ڇا ڊيل ڪرڻ وارن سان اهو حشر ٿيندو آهي. اهي ماڻهو جيڪي سٺ سالن کان وڏي عمر جا هجن اهي گرمي سردي ۾ وڃي جيل جون سختيون برداشت ڪن، انهن جون مانيون چئين وڳي تائين صرف ان ڪري روڪيون وڃن ته انهن جو تعلق پ پ سان آهي. فريال ٽالپر کي صرف هڪ کٽ سمهڻ لاءِ ڏني وڃي ته هن جو تعلق پ پ سان آهي. جڏهن ته اهڙا الزام ٻين ڪيترن عورتن تي آهن جيڪي مشينن مان فيڪٽريون ٺاهيو ويٺيون آهن، انهن کي چوڻ وارو ڪير به نه هجي ۽ پوءِ به پ پ لاءِ چيو وڃي ته پ پ ڊيل ڪري اچي ٿي. ته پوءِ ڇا چئجي؟

سوال: توهان جو تعلق شيدي ڪميونٽي سان آهي ماضي ۾ ته انهن سان اقليتن وارو سلوڪ ٿيو آهي ۽ هو پنهنجي انفرادي ڪوششن سان اڳتي آيا آهن جنهن ۾ هن وقت ڪافي پڙهيل لکيل ماڻهو موجود آهن، پر ان هوندي به هن ڪميونٽي کي اڃان وڌيڪ سهولتون ملڻ گهرجن. توهان پنهنجي سطح تي ماتلي ۽ سڄي سنڌ جي شيدي ڪميونٽي لاءِ اهڙيون ڪهڙيون ڪوششون ڪيون آهن؟

جواب:  پاڪستان هڪ اسلامي جمهوري ملڪ آهي، هن ۾ اقليت ۽ اڪثريت جو فيصلو مذهب جي بنياد تي ٿئي ٿو. شيدي ڪميونٽي سئو سيڪڙو مسلمان آهي، جتان به آيا جهڙي طرح سان آيا هن وقت سڀ مسلمان آهن، اسان جي ڳڻپ ته اڪثريت ۾ ٿئي ٿي، پر اسان سان سلوڪ اقليت وارو رکيو ٿو وڃي. اقليت جي سنڌ سودو سڀني صوبن ۾ ڌار ڌار منسٽري آهي ۽ اقليت جا مسئلا انهن ۾ طئي ڪيا وڃن ٿا اسان شيدي ان ۾ به فٽ نٿا ٿيون. اسان اڪثريت وارا فائدا به وٺي نٿا سگهون ۽ اقليت واريون سهولتون به حاصل نٿا ڪري سگهون. مون توهان کي ٻڌايو ته ان ڳالهه کي ڏسندي U.N اهو فيصلو ڪيو ته سڄي دنيا ۾ شيدين لاءِ هر ملڪ اسپيشل ڪارنر ٺاهي انهن کي اسپيشل پلاننگ جي تحت ترقي وٺرائي. ويجهڙائي ۾ آمريڪا ۾ جارج سان جيڪو حادثو ٿيو اهو به ان جو ئي حصو آهي. اسان سان مسئلو اهو آهي ته هڪڙي شيدي کي ان جي رنگ جي ڪري پهرين ئي ڏوهاري سمجهو ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪو جهيڙو ٿو ٿئي ۽ ان ۾ هڪڙي پارٽي شيدين جي آهي ته ستر کان نوي سيڪڙو اهو امڪان هوندو آهي ته شيدي کي ڏوهاري سمجهيو ويندو آهي. ان جون شاهد دنيا جون عدالتون آهن هڪڙي ڇهن سالن جي ٻار کي ان ڪري ڦاسي ڏني وئي ته هو شيدي هو، اهو چيو ويو ته ڇوڪريءَ جو قتل ان ئي ڪيو هوندو. اهو صرف سنڌ ۾ ناهي، آئون هڪڙي پڙهيل لکيل گهراڻي سان تعلق رکان ٿي ۽ هن فرق واري نظام مان نڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي تعليم يافته ڪريون، تعليم جي اهميت کي سمجهون. غور ڪرڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته رڳو آئون نه پر هڪڙي اها شيدي عورت جيڪا ڪنهن جي گهر ۾ ٿانو ڌوئي ٿي ان جو به اهو ئي خيال آهي ته منهنجي ڌيءَ يا پٽ پڙهي وٺي جنهن جو نتيجو اهو آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ضرور ڪرائين ٿا، پر اسڪول ۾ استادن ۽ شاگردن جا رويا ڪجهه اهڙا ٿين ٿا جنهن جي ڪري شيدين جو ٻار سڀني کان وڌيڪ ڊراپ آئوٽ ٿئي ٿو. ان کي آخري سيٽ تي ويهاريو وڃي ٿو ۽ احساس ڏياريو ٿو وڃي ته تون شيدي جو ٻار آهين پڙهي ڇا ڪندين، تون هوم ورڪ ڪونه ڪري آيو آهين، ها تون ڇا ڪندين توکي پڙهڻو ته هونئن ئي ڪونهي. ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪريون وڌيڪ پڙهي وٺن ٿيون. شيدي ڪميونٽي ۾ پڙهيل ڇوڪرين جو تناسب ڇوڪرن کان وڌيڪ آهي. ڇو ته انهن ۾ برداشت وڌيڪ آهي. ڇوڪرن ۾ گهٽ برداشت هجڻ جي ڪري جلد ئي ڊراپ آئوٽ ڪري ٿا وڃن ۽ ان وقت اهي ڇوڪرا تمام ناڪامي ۽ مايوسي سان ٻاهر نڪرن ٿا ۽ اهو سوچين ٿا ته شايد هاڻي سماج ۾ هو ناڪاره آهن ۽ هنن جو ڪوبه ڪارج ڪونهي. جنهن جي نتيجي ۾ پوءِ هو منفي سرگرمين جو حصو بڻجي وڃن ٿا. مون کي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪي ٻار اسڪول ۾ رجسٽرڊ آهن انهن کي اتي قابو ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول مان نڪري نه سگهن. اسيمبلي جي فلور تي اسان جي منسٽر صاحب به اها ڳالهه ڪئي، جيڪڏهن ڪنهن به شيدي ٻار سان تفريق وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي ته ان آفيشل کي يا استاد کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو. منهنجو هڪڙو خواب آهي ته شيدي ٻارن لاءِ آئون هڪڙو بورڊنگ اسڪول ٺاهيان جتي ارڙهن سالن تائين شيدي ٻار مفت ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪو شيدي ماڻهو دڪان ۾ گهڙي ٿو ته ماءُ پنهنجي ٻار کي يا پنهنجي پرس کي سنڀالي ٿي رکي ته اهو ان جو قصور ڪونهي اهو ان جي ذهن جو فتور آهي. ان قسم جا خاموش پيغام اسان جي ڪميونٽي کي ملندا رهن ٿا. آئون اڪثر ماڻهن کي چوندي رهندي آهيان ته انهن خاموش پيغامن جي ذريعي شيدي ماڻهن کي نقصان نه پهچايو. بينڪ ۾ وڃو ته هڪڙي ڪرسي تي جيڪڏهن شيدي ويٺو آهي ته ٻيو ماڻهو بيهڻ پسند ڪندو، پر شيدي جي ڀر ۾ ويهڻ پسند ڪونه ڪندو. اهو به هڪ خاموش پيغام آهي ته تون شيدي آهين بينڪ ۾ جيڪو ماڻهو آيو آهي اهو يقينن چور نه هوندو ۽ يقينن جيڪو شيدي بينڪ ۾ آيو آهي ان جو به اتي اڪائونٽ هوندو. جيڪڏهن بس ۾ ڪو شيدي ويٺل آهي ۽ ان جي ڀر سان جاءِ خالي آهي ته ماڻهو ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندو ته ٻي جاءِ تي ويهان شيدي سان نه ويهان. ان جي لاءِ آئون قانون سازي به ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريان پئي.

سوال: ان سلسلي ۾ توهان جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي جي گهر ڪئي ته توهان جي ڪهڙي گهر هوندي ته شيدي ڪميونٽي لاءِ ڪهڙو قانون ٺاهيو وڃي جيڪو ان کي تحفظ فراهم ڪري؟

جواب:  اسڪول جو ته اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي باقي هن وقت آئون جيڪو ڪم ڪري رهي آهيان اهو آمريڪا ۾ جارج جي واقعي کانپوءِ پوليس جو آهي. پوليس اسان جي نظام جو اهم حصو آهي، پوليس کي اهو مڃڻو پوندو ته هو جنهن به شيدي کي پڪڙين ٿا اهو ڏوهاري ناهي، هن کي انهيءَ ساڳئي طريقي سان ڊيل ڪرڻو پوندو جنهن سان ٻئي ڪنهن به سنڌ واسي يا پاڪستاني کي ڪيو وڃي ٿو. ان کي شيدي سمجهي ڊيل نه ڪيو ويندو. فيصلا اهو سوچي نه ڪيا وڃن ته هي شيدي آهي.

سوال: هن وقت پاڪستان ۾ اهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي جنهن سان محسوس ٿئي ٿو ته سياسي جدوجهد ڪا حيثيت نٿي رکي، ڇا توهان ان ڳالهه ۾ يقين رکو ٿا ته سياست ئي پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آخري طريقو آهي؟

جواب:  اسان وٽ عام طور تي جڏهن ڪو ماڻهو ڪا غلط بياني ڪندو آهي ته هن کي اهو چيو ويندو آهي ته تو سياسي بيان ڏيئي ڇڏيو. اسان سياست کي هڪ خراب شعبو سمجهي ورتو آهي، سياست عبادت آهي ۽ جيڪڏهن ان جي اصولن تي ڪاربند ٿي ڪري عوام جي خدمت ڪئي وڃي ته منهنجو يقين آهي ته اها ڪنهن به عبادت کان گهٽ ناهي. آئون بلڪل ان ڳالهه تي يقين رکان ٿي ته سياسي جدوجهد ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي. جيڪڏهن اسان نيڪ نيتي سان پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکنداسين ته اسان جي صوبي جي، اسان جي ملڪ جي ترقي جو واحد راز ان ۾ ئي آهي.

سوال: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب:  سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي غريب ماڻهو رهن ٿا، سنڌ ۾ بلڪه سڄي پاڪستان ۾ ڳڻپ مطابق اسان عورتون 50 سيڪڙو آهيون ان ڪري سڀني کي گذارش آهي ته ايتري وڏي آبادي کي نظر انداز نه ڪن ۽ جيڪڏهن ان کي نظر انداز نٿا ڪرڻ چاهيو ته انهن کي پڙهايو، پنهنجي نياڻين کي پڙهايو جيڪڏهن ڌيءَ پڙهي ته گهر پڙهيو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments