ملڪ ۾ صحافت تي پابندي ناهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن ۾ اسٽيبلشمينٽ ملوث آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحافت تي پابندي ناهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن ۾ اسٽبلشمينٽ ملوث آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني سفير جي رهائشگاهه تي ڪوٺايل خاص تقريب کي خطاب دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ صحافين سان غير مناسب ورتاءُ يا ملڪ ۾ صحافت کي محدود ڪرڻ ۾ ملوث نه آهي، صحافت جي آزادي تي ڪا پابندي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار آهي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين سميت هر ملڪ سان سٺن ۽ آزاداڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments