ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 47 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 47 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 2 هزار 51 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 76 هزار 398 ٿي ويو، 27 هزار 110 ڄڻا ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 16 سئو 21 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 503 ٿي ويو ۽ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 29 هزار 647 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس 540 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 27 هزار 850 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ هيستائين 482 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويا ۽ متاثرن جو انگ 10 هزار 485 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ 49 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 4 هزار 514 آهي ۽ اسلام آباد ۾ 30 ڄڻا فوت ٿي چڪا ۽ متاثرن جو انگ ٻه هزار 893 ٿي ويو آهي. گلگت بلتستان ۾ متاثرن جو انگ 738 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 271 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ هيستائين 27 هزار 110 ماڻهو ڪورونا وائرس جي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments