مها راڻي گياتري قسط-1

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-1

مها راڻي گياتري

الطاف شيخ

هندستان جي رياست راجستان جي گادي واري شهر جئپور جي “Statue سرڪل” وٽ بيٺو هئس. هي هنڌ هن گلابي شهر جئپور جو مرڪز چئي سگهو ٿا. هي سرڪل (Round About) هن شهر جو بنياد رکندڙ “مها راجا سوائي جئه سنگهه دوم” جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. چوراهي جي وچ ۾ هن راجا جو بت (Statue) پڻ آهي.

مها راجا جئسنگهه 1688ع کان 1743ع تائين حڪومت ڪئي، هي شهر جئپور هن 1727ع ۾ ٻڌرايو. هن گهراڻي جو آخري راجا “سوائي مان سگنهه” ٿي گذريو آهي، جيڪو 1912ع ۾ ڄائو ۽ يارهن سالن جي ڄمار ۾ 1922ع کان 1949ع تائين جئپور نوابي رياست تي حڪومت ڪيائين. راندين جو ماهر هو خاص ڪري پولو راند جو، جنهن ۾ هن 1933ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو هو. هن ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهيو ٿي ته سياست (Tourism) ۾ وڏي ڪمائي آهي، جنهن سان مقامي ماڻهو خوشحال رهن ٿا. ان ڪري 1958ع ۾ هن پنهنجي خوبصورت “رام باع محل” کي هوٽل ۾ تبديل ڪيو، جيئن دنيا جا امير ترين سياح رهائش جو اعليٰ ترين بندوبست ڏسي، راجستان جو هي شهر جئپور ۽ ٻيا شهر گهمڻ لاءِ اچن. 1970ع ۾ هن جي وفات ٿي جنهن کان ڪجهه سال اڳ هو اسپين ۾ انڊيا جو سفير ٿي رهيو.

جئپور جي هن مرڪزي علائقي واري “اسٽئچو سرڪل” جي چوڌاري “سروجني مارگ” آهي. انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن جي اهم رستن کي “مارگ” سڏجي ٿو، جيئن ڪراچي يا تهران ۾ وڏا رستا “شاهراهه” سڏجن ٿا. پنهنجي هڪ انڊيا واري سفر نامي “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” به لکي چڪو آهيان ته “مارگ” شايد گجراتي، مرهٺي يا سنسڪرت جو لفظ هجي جيڪو شاهه لطيف به تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي، سُر سسئي آبري ۾ فرمائي ٿو:

عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،

ريس ريذاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَن؟

مارڪ جي مَرن، وڏو طالع تن جو

مارڳ معنيٰ راهه يا رستو، سسئي ٿي چوي ته پنهونءَ جي ڳولا ۾ جيڪڏهن ڪا رستي تي مري به پوي ته به هن جو وڏو طالع (نصيب) ٿيو. سر حسينيءَ ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:

اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾!

مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون

(هتي به مارڳ جي ساڳي معنيٰ آهي، يعني: راهه، رستو، پيچرو). هڪ ٻئي هنڌ شاهه صاحب (سر حسينيءَ جي هڪ وائي ۾) چوي ٿو:

چڙهي نه سگهان چوٽئين، مارڳ مٿانهون…

سو ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي شهرن ۾ جتي ڪٿي وڏي روڊ لاءِ مارگ (Marg) لفظ استعمال ٿيل آهي.

جئپور جي هن روڊ “سروجني مارگ” وٽ ئي هتي جو آڳاٽو مندر “هنومان وير مندر” آهي ۽ اڳيان “مهاوير مارگ” ٽپي “اشوڪ مارگ” ۽ “روز گارڊن” جي ويجهو “MGD اسڪول” اچڻو هو. منهنجو ميزبان منهنجي خواهش تي ٻن ڏينهن کان هن شهر جا تعليمي ادارا ڏيکاري رهيو هو. اسڪول اڳيان لهڻ مهل منهنجي ميزبان ٻڌايو ته هي اسڪول اسان جي “راج ماتا” 1944ع ۾ ٺهرايو هو ۽ اهو سڄي راجستان ۾ ڇوڪرين جو پهريون اسڪول آهي. هن اسڪول تان نظرون هٽائي مون تي وڌيون ۽ مون کي ماٺ ۾ ڏسي پڇيو: “MGD ڇا جو شارٽ فارم آهي؟” آئون ان وقت سوچي رهيو هئس ته انهي سال 1944ع ۾ بارڊر جي ٻئي پاسي، اسان جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ شارٽ فارم “MGH” (مخدوم غلام حيدر) نالي اسڪول ٺهيو هو، جنهن مان مون پنجون، ڇهون ۽ ستون ڪلاس پاس ڪري پوءِ 1958ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اهو بوائز اسڪول هو. ڇوڪرين لاءِ نج اسڪول 40 سالن بعد ٺهيو.

“جي ها، مون کي پڪ ناهي، پر آئون سمجهان ٿو ته هي اسڪول توهان جي آخري راجا “مها راجا سوائي مانسنگهه” جي بيحد “کوب سورت” زال مها راڻي گياتري ديويءَ نالي آهي. کوبسورت لفظ کي ڇڪي چوڻ سان هن کان به کل نڪري وئي. هو هتي جي هر عمارت، هر پارڪ ۽ هر شيءِ کي “کوبسورت” سڏي رهيو هو. سندس مادري زبان گجراتي هئي ان ڪري فارسي جو لفظ “خوبصورت” صحيح طرح اچاري نٿي سگهيو.

“گياتري ديوي 90 سالن جي ڄمار ۾ ويجهڙائيءَ ۾ وفات ڪري وئي آهي. توهان هن بابت ڪڏهن ٻڌو آهي؟” هن پڇيو.

“جي ها، دنيا هن کي حسين ترين عورتن مان هڪ مڃيو ٿي. هن جي هڪ دفعي آمريڪا جي رسالي Vogue جي ٽائيٽل ڪور تي به تصوير آئي هئي. ان وقت آئون جهاز تي Sail ڪري رهيو هئس.”

مون کيس ٻڌايو ته جهازن جي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري رهيو هئس ته گهمڻ ڦرڻ يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اسان کي اڪثر باءِ ٽرين يا هوائي جهاز رستي ڀر واري ملڪ ٿائلينڊ ۾ وڃڻو پوندو هو. هڪ دفعي بينڪاڪ ۾ هئس ته ملائيشيا وارن جي نيشنل ڊي جي دعوت ۾ هڪ مقامي ٿائي سياستدان، آيل مهمانن ۾ هڪ ٿائي شهزادي سان ملايو، جيڪا پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ هئي. هن ٻڌايو ته “هيءَ توهان جي ڀر واري صوبي/رياست جي راجا جي زال آهي.” بعد ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ راجستان جي مها راڻي گياتري ديويءَ جي ننهن آهي… يعني گياتريءَ جي اڪيلي پٽ “جڳت سنگهه” جي زال آهي… بلڪه هئي. دراصل جڳت سنگهه جي هن ٿائي شهزادي “مام راجا ونگسي پريا نندنا” سان 1978ع ۾ شادي ٿي ۽ نون سالن بعد 1987ع ۾ طلاق ٿي. سندس ٻه ٻار: لليتا ڪماري (ڄم جو سال 1979) ۽ ديو راج سنگهه (1981ع) ماءُ سان گڏ رهن ٿا. هيءَ 1989ع يا 1990ع ڌاري جي ڳالهه آهي.

“توهان گياتري ديويءَ تي ٺهيل انگريزي فلم “Memories of a Hindu Princess” (هڪ هندو شهزاديءَ جون يادگيريون) ڏٺي آهي؟” منهنجي گجراتي ميزبان پڇيو.

“نه مون اها فلم ڏٺي ناهي، بلڪه ٻڌو هئم ته ڪنهن فئنڪوس ليوي نالي ڊائريڪٽر ٺاهي هئي. باقي سندس آتم ڪهاڻي جو ڪتاب “Princess Remembers: The memories of the Maharani of Jaipur” پڙهيو آهي جيڪو هن 57 سالن جي ڄمار ۾ 1976ع ۾ لکيو هو.” مون ٻڌايومانس. …(هلندڙ)…

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments