نئين ٽهي جي سدا ملوڪ شاعر احساس ميرل سان ڳالهه ٻولهه مسافر هاليپوٽو Sep 2020

تعارف: ٻانگ جو نالو مير محمد ولد نور محمد سهتو، جنم 15 ڊسمبر 1984ع، ڳوٺ نئين وسي ضلعو مٽياري، پوءِ ميرل ٿيس اهو سفر هلي اچي احساس ميرل تي پهتو آهي.

مسافر: لکڻ جي شروعات؟

احساس ميرل: 1999 کان.

مسافر: ڇپيل پهرين تخليق؟

احساس ميرل: مون کي ڪنفرم ياد ناهي، پر پنهنجي هر نئين تخليق کي پهرين لکڻي سمجهي سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

مسافر: اوهان جا ڇپيل ڪتاب؟

احساس ميرل: مسافر پيارا منهنجو پهريون شاعري جو ڪتاب “تو زندگي چيو هو” 2014ع ۾ ۽ شاعري جو ٻيو مجموعو “جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو” 2016ع ۾ ڇپيو هو. تنهن کانپوءِ مون فيس بُڪ تي تعارفي سلسلو هلايو جنهن جا ٻه گڏيل شاعري جا ڪتاب ڀاڱو پهرين 2017 ڀاڱو ٻيون 2018 ۾ نالي “سخن ور سنڌ ڌرتيءَ جا” ڇپيا جنهن ۾ پوري سنڌ ۽ هند جا 300 سخن ور شامل آهن. 2019ع ۾ منهنجو نثر جو پهرين ڪتاب، “مان شهر اڏيري ٽيشڻ جو” ڇپيو جنهن ۾ سفر ۽ ساروڻيون  شامل آهن. 2020ع ۾ منهنجي شاعري جو ٽيون  ڪتاب “درد گهنگهرو ٻڌا” ڇپيو، هاڻ تازوئي آگسٽ 2020ع ۾ طرحي غزل تي ڪتاب “ڪيئن الائي عيد آئي” ڇپيو آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ طرح تي مڪمل پهريون ڪتاب آهي. ان حساب سان ٽوٽل 7 ڪتاب ڇپيا آهن. (مسافر واهه ميرل واهه).

مسافر: اوهان شاعر نه هجو  ها ته؟

احساس  ميرل: اهو تڏهن ٻڌايان ها جڏهن شاعر نه هجان ها.

مسافر: ڪهڙا سبب هئا جو اوهان شاعري جي واٽ ورتي؟

احساس ميرل: آئون سمجهان ٿو ته انسان جي اندر ۾ سوين احساس هوندا آهن جيڪي عشق کان ويندي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ڏمر ۽ اڻبرابري جي صورت ۾ هجن ٿا، جيڪي ماڻهو کي ڌڪيندي ڌڪيندي ڪنهن دڳ لاهيندا آهن شايد  مون کي به ڪنهن اهڙي احساس  شاعري طرف آندو.

مسافر: شاعري جي پنڌ ۾ اوهان نئين ٽهي مان ڪيترا مطمئن آهيو؟

احساس ميرل: نئين ٽهي مان وڏي اڪثريت تمام سٺو لکي رهي آهي، جنهن کي مٿي تي هٿ رکڻ ۽ جاءِ ڏيڻ لاءِ سينئر اديبن ۽ شاعرن کي سوچڻ گهرجي.

مسافر: موجوده سنڌي ادب ڪهڙي معيار جو لکجي پيو؟

احساس ميرل: ڪافي حد تائين بهتر آهي.

مسافر: اوهان جي پسنديده صنفون؟

احساس ميرل: غزل ۽ نظم.

مسافر: ڪهڙا اپاءُ وٺجن جن سان سنڌي ادب ترقي ماڻي سگهي؟

احساس ميرل: ليکڪن کي حق ملڻ گهرجي اسان کي ڪتاب ڇپائي ورهائڻ نه گهرجن تخليقي بنيادن تي اسان جي ادارن کي نوجوانن لاءِ راهون هموار ڪرڻ گهرجن. دنيا جي ادب، ٻولين ۽ مشاعرن جي محفلن ۾ سنڌي سينئر ۽ جونيئر ليکڪن کي جڳهه ملڻ کپي. ان کان علاوه لائبريرين جو تعداد وڌائڻ گهرجي جتي مطالعي جو رجحان وڌي ۽ اسان کي دنيا جي ادب جي به ڄاڻ ملي.

مسافر: سنڌي ڪهاڻي کي ڪٿي ٿا بيٺل ڏسو بحيثيت هڪ شاعر جي؟

احساس ميرل: مسافر ماري وڌئي… حقيقت اها آهي ته مون ڪجهه ڪهاڻيون لکيون به آهن، پر نه ڪٿي ڇپايون آهن نه ئي فيس بُڪ تي شيئر ڪيون اٿم. اصل ۾ ڪهاڻي  صنف مطالعي ۾ به گهٽ رهي آهي ان ڪري ڪا بهتر راءِ نه ڏيئي سگهان، پر پوءِ به ايترو چوندس ته سنڌي ڪهاڻي کي مات ناهي اچڻي.

مسافر: ادب ۾ تنقيد جو عمل ڪيترو ضروري آهي؟

احساس ميرل: تنقيد کانسواءِ اسان جي لکڻين ۾ ڪافي جهول رهجي ٿا وڃن، پر تنقيد براءِ اصلاح هجي، اڄڪلهه تنقيد تخليق تي نه پر شخصيت تي ٿئي ٿي.

مسافر: هڪ بهترين نقاد ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون  هجڻ ضروري آهن؟

احساس ميرل: بهترين نقاد ۾ سڀ کان پهرين ته ٻولي تي دسترس حاصل هجي جنهن به صنف تي ڳالهائي ان ۾ مهارت هجيس ۽ تخليقڪار کي تخليق مطابق واضح نموني سمجهائي سگهي ۽ سندس تنقيد تخليق تي هجي شخصيت تي  نه هجي.

مسافر: هڪڙا شاعر خيال جي اڏار کي ترجيح ڏيندا آهن ته ٻيا عروض کي اوهان ڇا ٿا سمجهو؟

احساس ميرل: منهنجي خيال ۾ ٻئي صحيح آهن اسان کي صرف اها سوچ رکڻ گهرجي ته جيڪو خيال جنهن صنف جو هجي ان کي اتي رکجي ٺيڪ آهي اوهان کي سٺو تخيل ذهن ۾ اڀري ٿو اچي ۽ اهو عروض ۾ فٽ نٿو اچي ته ان کي نثر طرف کڻي وڃو.

مسافر: پنهنجي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

احساس ميرل: ڏسو اصل ڳالهه آهي بيهڪ جي! اوهان کي پنهنجي شعر يا ٻي لکڻي لاءِ ڌاري ٻوليءَ جو لفظ سٺو ٿو لڳي ته ان ۾ ڪوبه حرج ناهي صرف معيار جو خيال هجي اهو منهنجو خيال آهي، ضروري ناهي سڀ  مون سان متفق هجن، پر مثال وٺو لطيف سرڪار جو، هي بيت ڏسو:

“ديکيندي” ديدار کي ڪل سڃاڻي ڪيئن

جانب منهنجا جيئن  ماهر ئي منجهي پيا

مسافر: شاعر قوم جي اصلاح جا ذميوار هجن ٿا ان حوالي سان  موجوده وقت ۾ اسان جي تعليمي معيار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

احساس ميرل: بلڪل شاعر قومن جي اصلاح جا ذميوار ٿين ٿا، پر اڄ جو نوجوان تاريخ ۽ ادب کان گهڻو پري آهي. جنهن جو سبب ڪاپي ڪلچر آهي منهنجي خيال ۾ اسان سڀ  ان قومي ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مسافر: ڀلا تعليم جي هلندڙ نظام ۾ سڌارا ڪيئن آڻجن؟

احساس ميرل: مسافر اسان وٽ سڄو سسٽم بگڙيل آهي تعليم جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پهريون قدم اهو هوندو جو ووٽ ڏيڻ وقت ٻچن جو مستقبل سامهون رکي ضمير کان پڇي معياري نمائندا مقرر ڪجن.

مسافر: شاعري ۾ ڏات ۽ الهام واري ڳالهه کي مڃو ٿا؟

احساس ميرل: بلڪل سئو فيصد ڏات الهام جو روپ آهي اسان جي شعرن ۾ اهڙا اهڙا لفظ اچن ٿا جيڪي اسان جي ڪنهن به ڪتاب ۾ پڙهيل ناهن  هوندا اهو سڀ قدرت جي طرفان عنايت ٿئي ٿو جنهن کي الهام چئجي ٿو.

مسافر: اوهان نئين ٽهي جي شاعري ۾ ڪنهن ڪنهن کان متاثر رهيا آهيو؟

احساس ميرل: نالا ڪيترا کڻجن کوڙ دوست ڏاڍو بهترين ادب  لکي رهيا آهن جيڪو ڏاڍو متاثر ڪندڙ هجي ٿو.

مسافر: پنهنجي ادبي سفر مان  ڪيترو مطمئن آهيو؟

احساس ميرل: ادبي سفر ۾ اهي پيار ۽ محبتون مليون آهن جن کي زندگي جو سرمايو سمجهان  ٿو، باقي دل جي ڳالهه اها آهي ته مون  اڃان سفر جي شروعات ڪئي آهي اڃان سفر ڪرڻو اٿم.

مسافر: شاعر ٿيڻ لاءِ ڇا ضروري آهي علم، عشق، حساس دل يا استاد؟

احساس ميرل: منهنجي خيال ۾ شاعر ٿبو ناهي ماڻهو ڄائي ڄمندي شاعر هوندو آهي جنهن کي وقت ظاهر ڪندو آهي.

مسافر: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

احساس ميرل: محبت ورهائجي جتي به هجو خوش هجو دعائن لاءِ جڏهن به هٿ کڻو اسان کي نه وسارجو. 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments