نارٿ ڪوريا جي ليڊر ڪم جونگ اُن جو ويڪسين وٺڻ کان انڪار

نارٿ ڪوريا جي ليڊر ڪم جونگ اُن پنهنجي حڪومتي انتظاميه کي حڪم ڏنو آهي ته ڪورونا جي خلاف هڪ سخت حفاظتي مهم هلائي وڃي اور اسٽائل “our style” ان کانپوءِ هن يونائيٽيڊ نيشنز جي طرفان امداد طور مليل ڪجهه ويڪسين جي آفر قبول ڪرڻ کي به رد ڪري ڇڏيو. خميس ڏينهن هن پنهنجي خاص پاليسي ساز ڪائونسل سان مشاورت ڪندي ان ڳالهه جو حڪم ڏنو ته سڀ ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته ڪورونا کان بچاءُ انتهائي اهم ڪم آهي جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو آهي ۽ ان کان هڪ لمحو به غافل ناهي ٿيڻو، اها خبر دي آفيشل ڪوريئن سينٽرل نيوز ايجنسي جمعي جي ڏينهن شايع ڪئي. ميٽنگ دوران هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وائرس جي خلاف مهم هلائڻ جي لاءِ ملڪ کي ٽيڪنيڪل ذريعن جي ضرورت پوندي ۽ ان کان علاوه هيلٿ ورڪرن جي ڪواليفڪيشن کي وڌائڻ جي پڻ ضرورت آهي. ياد رهي ته نارٿ ڪوريا پنهنجي ملڪ جون سرحدون تمام سختيءَ سان بند ڪري ڇڏيون آهن جيتوڻيڪ ملڪ ۾ معاشي حالت خراب ٿي رهي آهي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي به کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ نارٿ ڪوريا سخت قرنطينه طرف ويو هو ۽ پنهنجون سرحدون يڪدم بند ڪري ڇڏيون هيون ته جيئن هن وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ۽ هينئر نارٿ ڪوريا ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هي ڪورونا فري ملڪ آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments