ناني جي ملڪيت ۾ حق جي دعويٰ رد، عورتن کي وراثت مان حصو جيئري ئي وٺڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

جسٽس عمر عطا بنديال فيصلي جا ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون وراثت ۾ عورتن جي حق کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، ڏسڻو پوندو ته عورتون پاڻ پنهنجي حق تان هٿ کڻن يا دعويٰ نه ڪن ته ڇا ٿيندو. ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ پشاور جي رهواسڻ عورت جي ٻارن جو ناني جي ملڪيت ۾ حق جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. پشاور جي رهواسي عيسيٰ خان 1935 ۾ پنهنجي ملڪيت پٽ عبدالرحمان کي منتقل ڪري ڇڏي هئي. جنهن تي سندن ٻارن 2004 ۾ ناني جي وراثت ۾ حق جي دعويٰ داخل ڪئي هئي ۽ سول ڪورٽ ٻارن جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو جنهن کي هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو 2017ع وارو فيصلو برقرار رکيو آهي. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments