نظم ”ڪيون ٿا سمنڊ کي سجدو“ حنيف سوڍر December 2021
جُڳن کان چاهتون پنهنجون
ستيون ناهن گهٽيون ناهن
نڪي آ ماٺ مڪليءَ تي
نڪي آ رات موهنَ تي
اٿي آنڌي جڏهن ايندي
سميٽي پيار گڏجون ٿا
جنت السنڌ جي خاطر
کڻي اظهار گڏجون ٿا
اسان جي عاشقي جون ڀي
اڃا ڪي منزلون آهن
اسان جا حوصلا اڄ ڀي
هوا وانگي جوان آهن
وطن تي وار جي ٿيندو
انگن کان ڌار جي ٿيندو
ڌڏي ڌرتي سڄي ويندي
اٿيا جي رنگ جوڀن جا
ستل ٻاگهيون به ڪر موڙي
گجي اينديون ندين وانگي
اٿي دودا سڀئي ايندا
وطن سان چاهه ساڳيو آ
رهيو ويساهه ساڳيو آ
اڃا صحرا به جاڳن ٿا
ٻنيون، ٻارا به جاڳن ٿا
ڀٽائي گهوٽ، سامي ۽
سچل پارا به جاڳن ٿا
ڪيو سڏ مارئيءَ جيڪر
پنهوارن پيچ جاڳن ٿا
نڪي سهڻيون ستيون آهن
اڃا ميهار جاڳن ٿا
اڃا مومل جي وارن ۾
نئين ڪنهن ناز سان جهومي
لڳل گجرا به جاڳن ٿا
اڃا نوري جي نوڙت ۾
اباڻا رنگ جاڳن ٿا
پنهونءَ جا پنڌ ڳولهائو
سسئي پيرا به جاڳن ٿا
اسان جي جاڳ اهڙي آ
سڳوري ڀاڳ جهڙي آ
فجر جي روشنيءَ وانگي
عَيان هن خواب جيونَ جا
سُهائو سوجهرو آڻي
جبر جا ڪوٽ ڪيرائي
هوائن جا به رخ موڙي
نئين تاريخ جوڙيندا
ڊگهي آ ڏور رشتن جي
سچائي جي سپوتن جي
ڪيان مان ڳالهڙي ڪهڙي
ڌنارن جي وٿاڻن جي
سهاڳڻ جي سچائي ڀي
اميدن کي ڄڻيو آهي
ويا جيڪي به وڻجارا
وري اڻ- موٽ ٿي ايندا
ونيون سي گهوٽ پنهنجن جا
سکين سان حال اورينديون
نڪي ميندي لٿي آهي
نڪي پوتي لٿي آهي
نڪي چوڙي ٽٽي آهي
ڇڙيا هن ساز جيون جا
چتائون ڀي اڃا ساڳيون
نوان اندازَ جيون جا
ڪري آزاد سوچن کي
لڳل ڪا زنگ لاهيندا
سُهائي شام ايندي ئي
ڪري سڀ ڳاٽ کي اوچو
وفا جا گيت ڳائيندا
وڻن ۾ پيار آلاپي
سڄي پاسي ڌنارن جي
سڻائي ٻول مالهاري
سچو پيغام آڻي ٿو
چٽي ڪنهن چاندنيءَ وانگي
سمورو لاڙ چمڪي ٿو
اُتر جي وير ڇا آئي!
سڄو سنسار مهڪي ٿو
اسر ويلي اٿي هاري
پيو ڏس کيت کيڙي ٿو
ازل کان ديس جو ساکي
ڪري هو سنڌ کي سجدو
اپائي سنگ سونا هي
انوکي ريت ميڙي ٿو
ڪري خوشحال مارن کي
سچا عنوان جوڙي ٿو
سپر سينو ڪري ٻاگهل
جاڳائي جوت ساڳي ٿي
سجي ٿي سنڌ جي جوتي
نئين خوشبو نئين رنگت
بهارون گيت ڳائن ٿيون
نئين سِر سنگيت ڳائن ٿيون
جلي ٿو جاڳ ۾ جوڀن
اجها ٿي جيت گهوٽن جي
جمالو ئي جمالو آ
اسان جو نيهنُ ڌرتيءَ سان
ازل کان ئي نرالو آ
ڪلاچي ڇا! ڪراچي ڇا!
سڄي جا سنڌڙي آهي
اسان جي جندڙي آهي
ازل کان ديس آ ساڳيو
اسان جي روح کي پاتل
ازل کان ويس آ ساڳيو
لَڙي جو ديس جي خاطر
۽ ٻولي ڪيس جي خاطر
سچو سو ئي ٻچو آهي
معاشي ڪنهن وسيلي تي
ڪيو جي وار جنهن هوندو
سڄي تاريخ شاهد آ
سلامت سو بچو ناهي
ڪري ڏس ياد ماضيءَ کي
ڪلاچي جي ڪنن تي ڀي
ڀلا قبضو ڪيو هو ڪنهن؟
ڪلاچي جي ڪنن اندر
هئا گڙگاٽ وِڄَ وانگي
جتي مانگر مڇن ڪيڏو
مهاڻن کي ستايو هو
اٿي بي خوف ٿي مانجهيءَ
اڪيلن جنگ ٿي جوٽي
ويا سڀ مارجي ڀائر
سچا ها سنڌ جا ڀاڳيا
اهي آواز گونجن ٿا
لکيو آ شاهه سُر گهاتو
وٺڻ بدلو ته ويريءَ کان
اٿيو هو مورڙو جڏڙو
بهادر ماءُ جو ٻچڙو
وجهي هن جان جوکي ۾
نيون جوڙي رٿائون ڏس
وٺي ٿو وير ويريءَ کان
ڪري ڳاڙهو سمندر کي
جو ٿي اڻ- موٽ موٽيو هو
وٺون ٿا راهه جيڪا اڄ
اها ڀي يار ساڳي آ
اسان جي روح جا رشتا
ٽٽا ناهن ڦٽا ناهن
ازل کان ئي سچا آهن
سلهاڙيل ننگ سان آهن
وطن جي دنگ سان آهن
انهن ۾ ڦير ڪونهي ڪو
اسان لئه سنڌ جيجل آ
مٽيءَ ۾ مير ڪونهي ڪو
محافظ قوم جا اڄ ڀي
ڪيون ٿا سمنڊ کي سجدو
صدين جو نينهن جاڳي ٿو
پريان سنڌو نهاري ٿو
ازل کان ئي صدا آهي
چمون ٿا سنڌ ڌرتيءَ کي
امڙ جي ٿڃ جان بڻجي
رڳن ۾ آب ڊوڙي ٿو
نئون ڪو روح ڦوڪي ٿو
اسان جي جند ۾ ساڳيو
وري سو باب ڊوڙي ٿو.
***

