خاص

نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون پيون ٿين، اهو ڪيئن ممڪن آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سزا يافته شخص جي سزا ختم ٿي وڃي؟ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جو خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي شڪست تي خوشي ملهائڻ حيران ڪندڙ آهي، اسان کي مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نتيجن جو انتظار آهي، حتمي نتيجا اچڻ کانپوءِ معاملن جو جائزو وٺنداسين، تحريڪ انصاف جو ووٽر ۽ عوام اسان سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته هن عوام جو پئسو لُٽيو ۽ ٻاهر منتقل ڪيو، پاناما ۾ سندس نالو آيو ۽ عدالت کيس نااهل ڪيو، اڄ تائين مني ٽريل به نه ڏئي سگهيو، هڪ ڏوهي جي سزا ختم ڪري کيس چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟