نواز ۽ شهباز کي رعايت، سنڌ جي اڳواڻن کي سزا ڏني پئي وڃي، ملڪ ۾ احتساب جو ٻٽو معيار آهي: بلاول ڀٽو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جو ٻٽو معيار آهي. نواز شريف ۽ شهباز شريف کي رعايت ڏني وئي جڏهن ته سنڌ جي اڳواڻن کي سزا ڏني پئي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته هي ڪهڙو احتساب آهي ته وزيراعظم ۽ سندس دوستن تي الزام لڳا ته ڪجهه نه ٿيو. رائيونڊ جي وزيراعظم کي سزا جي باوجود ٻاهر اماڻيو ٿو وڃي. هتي آئين ۽ قانون سان مذاق ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سکر جي مخالف ڌر جي اڳواڻ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي. پنجاب جو اپوزيشن اڳواڻ هجي ته ان کي ضمانت ملي ويندي آهي. وزيراعظم جي ڀيڻ تي الزام لڳا ته ڪجهه نه ٿيو هي ڪهڙي قسم جو پاڪستان آهي؟ هن چيو ته اسان جي پارٽي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي تيار ڪيل بجيٽ کي رد ڪري ٿي. بجيٽ بابت وزيراعظم ۽ ترجمانن جا بيان حقيقت کان ابتڙ آهن. ناڻي واري وزير پاڻ چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ تحريڪ انصاف جي ڊيل غلط هئي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو هو. عام ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي. وزيراعظم ۽ ان جي اي ٽي ايمز جي لاءِ مشڪل وقت ختم ٿي ويو آهي. بلاول وڌيڪ چيو ته بجيٽ پيش ٿيندو ته سڀ صاف ظاهر ٿي ويندو.