خاص

(ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف جاچ دوران سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کان نيب جي جاچ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. نيب جي دستاويزن موجب خواجه آصف جي بي ناميدارن جا 48 اڪائونٽس آهن، 48 اڪائونٽن مان 11 ڪروڙ 31 لک 50 هزار رپيا جمع ٿيا. بي ناميدارن جي اڪائونٽن مان 4 ڪروڙ 70 لک رپين جي رقم ڪڍرائي به وئي. بي نامي طارق مير اينڊ ڪمپني ۾ 2009 کان 18 تائين ڪروڙين رپيا جمع ۽ ڪڍرايا ويا. خواجه آصف جي بي نامي ڪمپني ۾ 50 ڪروڙ 70 لک رپين جي رقم جمع ٿيڻ جون شاهديون مليون آهن. بي نامي ڪمپني کان 10 سالن جي دوران 41 ڪروڙ 90 لک رپين جي رقم ڪڍرائي وئي. دستاويزن موجب خواجه آصف 10 سالن ۾ مختلف ڪمپنين مان 3 ڪروڙ، 21 لک، 68 هزار 970 رپيا شيئرز جي خريد ۽ وڪرو ڪئي آهي. خواجه آصف کان مختلف ڪمپنين ۾ سرمائيڪاري جو رڪارڊ ڏٺو پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. خواجه آصف کان پڇيو ويو ته رقم ڪٿان آئي ۽ منافعو ڪيترو مليو. نيب خواجه آصف کان بي ناميدارن جي اڪائونٽن مان جمع رقم بابت پڇيو ويو. پرڏيهه ۾ 22 ڪروڙ جي رقم بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي. رپورٽون آهن ته خواجه آصف جاچ دوران سوالن جا جواب ڏيڻ کان لاچار آهي.