هي ڀنگياڻيون…

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

هي ڀنگياڻيون…

الطاف شيخ

شروع ۾ هڪ مضمون ۾ ڳجھن جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪي انسانن توڙي جانورن جي لاشن تي اچيو حاضر ٿين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سواءِ هڏن جي هر شيءِ جي صفائي ڪريو ڇڏين. ان ڪم ڪري ڳجھه پکي ڪنهن به زبان ۾ سٺن لفظن ۾ ياد نٿو ڪيو وڃي. اهي ماڻهو جيڪي مئل جي مال تي مارو ڪن ٿا، ڪڌا ڪم ڪن ٿا، يا حد درجي جي لالچ ۽ حرص ڪن ٿا، انهن لاءِ ڳجھه جو لفظ استعمال ڪيو  وڃي ٿو. ڪيترن ملڪن ۽ زبانن ۾ ڳجھه موت ۽ لالچ جي علامت سمجھي وڃي ٿي.

نه فقط افعالن ۾ پر شڪل شبيهه ۾ پڻ ڳجھه هڪ بي ڊولو ۽ بدصورت پکي چئي سگھجي ٿو. ايتري قدر جو هن پکيءَ جي ڳچيءَ ۾ (Syrins) نه هجڻ ڪري، پکيءَ جي ناتي ۾ ڪو مٺو ٻول يا لات به آلاپي نٿي سگھي. ڪانگ جهڙو ڪارو پکي جيڪو سڄو ڏينهن ٽان ٽان ڪري مٿو کائي ٿو اهو به موڊ ۾ اچڻ تي مٺو سر کيانتي جي روپ ۾ ٻوليو وڃي. پر اهڙي قسم جي سُر، سونهن يا سيرت جي ڪا به ظاهري خوبي، ڳجھه پکيءَ سان وابسته نه آهي. ان هوندي به غور ڪيو وڃي ته قدرت هن پکيءَ کي دنيا جي سونهن ، سوڀيا ۽ صفائيءَ لاءِ سوچي سمجھي خلقيو آهي. هي پکي جنهن کي اسان وٽ آسماني ڀنگياڻي ۽ آمريڪا يورپ پاسي Garbage Man (گند ڍوئيندڙ همراهه) سڏيو وڃي ٿو- جيڪڏهن نه هجي ته دنيا ۾ مرندڙ انيڪ جانورن جي نيڪاليءَ جو وڏو مسئلو ٿي پوي ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ بدبوءِ ۽ ڪينئان اوسي پاسي ۾ رهندڙ انسان ذات لاءِ عذاب ٿي پون.

تازوئي ويجھڙائيءَ ۾، سنڌ ۾ سخت گرميءَ ڪري ڪيترائي ڍور ڍڳا ۽ وهٽ مري ويا جن کي ٻيءَ حالت ۾ نيڪال ڪرڻ ڳوٺاڻن لاءِ مسئلو ٿي پوي ها. ڏينهن ٻن جي ڍونڍ بعد جتي انهن جي ويجھو ڪو ڪتو ٻلو يا جھنگلي جانور نٿي ويو اتي هنن پکين منٽ ڪري ورتا. جيڪب آباد پاسي هڪ همراهه ٻڌايو ته ڳجھن جي ميڙ، ٻڪريءَ جهڙي جانور کي ڏهن منٽن اندر هڏائون پڃرو بڻائي ڇڏيو ٿي. ساڳيو حال بنگلاديش ۾ طوفان بعد ٿئي ٿو ۽ آفريڪا ۾ ڏڪار ۽ خشڪ ساليءَ ۾ ٿئي ٿو. يورپ آمريڪا جي اتراهن ملڪن ۾ سخت برفباري ۽ پاري ۾ ٿئي ٿو. پوءِ ڪيترائي جانور مريو وڃن ته هي ڀنگياڻيون، اچيو نازل ٿين ۽ سڀڪجھه هڙپ ڪيو وڃن.

ڳجھه جي مُڙيل چهنب، مضبوط پير ۽ نانگ جهڙي، وارن بناکٿل ڳچي ان ڪم لاءِ ڄڻ خاص ٺاهي وئي آهي. پيرن تي پاڻ کي بئلنس ڪري، ڳجھه پنهنجي ڊگھي ٺوڙهي ڳچي، مردار جانور جي اندر تائين وجھي پنهنجي مُڙيل مضبوط چهنب سان آنڊا گجيون ٻاهر ڪڍيو وٺي. هي بيحد لالچي پکي آهي ان ڪري هڪ اڌ چڪ هڻي ڀڄي وڃڻ بدران کائيندو ئي رهي ٿو.

ڳجھه تي تحقيق ڪندڙ، سنگاپور يونيورسٽيءَ جي هڪ همراهه ٻڌايو ته هي پکي پنهنجي تور جي چوٿين حصي جيترو کائي ٿو. مثال طور ڪا ڳجھه تور ۾ ڏهه سير آهي ته هوءَ اڍائي سير ڍونڍ آرام سان کائي سگھي ٿي. ان بعد هوءَ بس ڪرڻ نٿي چاهي پر ان کان وڌيڪ کائڻ تي هن کي اڏام (Take – Off) ۾ مسئلو ٿئي ٿو.

مٿئين همراهه، ڳجھه جي مردار کائڻ واري خاصيت جي تعريف ڪندي چيو: “توهان جهڙن ملڪن: پاڪستان، سعودي عرب وغيره- جتي مينهن گھٽ ٿو پوي اتي سخت نٽهڻ اس ۾ مئل جانور ٻن ٽن ڏينهن ۾ سڪيو ٺوٺ ٿيو وڃي، پر ڏُور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن: جهڙوڪ ملائيشيا، انڊونيشيا، لائوس، ويٽنام وغيره ۾، جتي هر وقت مينهوڳي ۽ پوسل رهي ٿي اتي ڳجھون نه هجن ته انسان ذات لاءِ مردار جانور عذاب ٿي پوي جو مينهن ۽ آلاڻ ڪري ان جي ڌپ ۽ ان ۾ پيدا ٿيل ڪينئان هفتن جا هفتا هلندا رهن ۽ چؤ طرف سخت بيماري پکيڙين.

“ڀلا ڳجھه اهڙو پکي آهي جيڪو هونءَ ته نظر نٿو اچي پر جيئن ئي ڪو جانور مري ٿو ته هڪدم اچيو سهڙجي. اهو ڪيئن؟ ڇا هن کي ڍونڍ جي ڌپ اچي ٿي؟” ڳجھن تي پي ايچ ڊي ڪندڙ سنگاپوري همراهه کان مون پڇيو.

“ڳجھن کي سونگھڻ جو حواس بلڪل ناهي.” هن وراڻيو، “ڪنهن مردار جانور کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري، پوءِ ڀلي ڳجھن جي ويجھو رکو ته به هنن کي خبر نه پوندي. باقي ڳجهه جي نظر عقاب ۽ سرڻ وانگر تمام تکي آهي. هوءَ ٻه هزار فٽن جي بلنديءَ تي اڏامندي، ڌرتيءَ تي هلندڙ ڪوئو ڏسي سگھي ٿي ۽ ان اتائين تان هڪ ئي وقت پنجاهه چورس ميل جي ايراضيءَ کي اک ۾ رکي سگھي ٿي. اهڙيءَ طرح ٻي ڳجھه، جيڪا هن کان چار ميل کن پري اڏامي رهي آهي اها به ايتري ئي پکيڙ کي جانچ ۾ رکي ٿي. ۽ اهڙيءَ طرح ٻيون ڳجھون. مطلب ته هڪ ئي وقت سوين ميل هنن جي اکين ۾ رهن ٿا. پوءِ جيئن ئي ڪنهن هڪ ڳجهه کي هيٺ موت جا آثار نظر اچن ٿا ته هوءِ هڪدم هيٺ گھُت هڻي ٿي. ان اوچتي لاماري مان پاڙي ۾ اڏامندڙ ڳجھن کي شڪ پوي ٿو. اهي به پَرَ ويڙهي هيٺ ٽُٻي هڻن ٿيون ۽ ائين ڏسندي ئي ڏسندي ڪٽڪ ڳجھن جا مئل گڏهه، گھوڙي يا ٻئي ڪنهن جانور کي هضم ڪرڻ لاءِ پهچيو وڃن.

ٻين ڪيترن وڏن پکين ۽ جانورن وانگر، ڳجھه پکيءَ ۾ به واڌارو اچڻ بدران ڏينهون ڏينهن کوٽ اچي رهي آهي. جنهن جو وڏو سبب کاڌي جي ٿورڙائي آهي. جيئن جيئن ملڪ ۽ قومون، صفائي، سٺائي ۽ هائيجن جو خيال رکڻ لڳا آهن تيئن تيئن هنن  پکين لاءِ جيئڻ عذاب ٿي پيو آهي. هنن کي ڳوليندي به ڍونڍ نٿو ملي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments