بلاگخاص

هڪ نوري سال ڇا آهي؟

هڪ نوري سال ڇا آهي؟

اعجاز منگي

 خلاء ۾ موجود مادن (ستارن، ڪهڪشائن وغيره) جو مفاصلو بيان ڪرڻ لاءِ اسان نوري سال استعمال ڪندا آهيون.

نوري سال اهو آهي جنهن ۾ روشني هڪ سال ۾ سفر طئي ڪري ٿي. هڪ نوري سال ڇهه ٽرلين ميل يا ٽو ٽريلين ڪلو ميٽر آهي. يعني ڇهن جي اڳيان ٻارنهن ٻڙيون لڳايو. ڇهه کرب ميل 6000,000,000,000 روشني هڪ سال ۾ سفر طئي ڪري ٿي.

ماضيءَ ۾ جهاتي:

جڏهن اسان طاقتور ٽيلي اسڪوپ سان خلاء ۾ ڪنهن ڏورانهين ڪهڪشان يا ستارن کي ڏسندا آهيون ته اصل ۾ اسان ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندا آهيون. اهو ڪيئن آهي ڀلا؟

روشني (186,000 ميل) هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ يا (300,000) ٽي لک ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي. روشنيءَ جي رفتار تمام تيز آهي، پر خلاء ۾ موجود شين جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳائي ٿي. جيترو ستارو يا ڪهڪشان اسان کان پري هوندو، اوترو ئي وڌيڪ ٽائيم روشني کي اسان تائين پهچڻ ۾ لڳندو.

ويجهي ۾ ويجهو ستارو سج آهي. جيڪو تقريبن 93 ملين ميل پري آهي. سج جي روشني زمين تائين پڄڻ ۾ 8.3 منٽ وٺي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته سج جيڪو اسان کي هاڻ نظر اچي ٿو اهو 8.3 منٽ پهريان وارو سج آهي.

رات جو آسمان تي جيڪي اسان کي ستارا نظر ايندا آهن اهي هزارين نوري سال پري هوندا يعني اصل ۾ اسان اربين سال ماضيءَ ۾ ڏسي رهيا هوندا آهيون.

اسان جي ويجهو ٻيو ستارو (4.3) چار ڏهائي ٽي نوري سال پري آهي. يعني جنهن وقت اسان ان کي ڏسي رهيا آهيون، دراصل اسان کيس 4.3 نوري سال پهرين ڏسي رهيا آهيون.

ستارا ڪهڪشائن ۾ هوندا آهن، ڪهڪشائن ۾ ڪروڙين يا اربين ستارا هوندا آهن. اسان جي ويجهي ۾ ويجهو ڪهڪشان اينڊروميڊا Andromeda آهي. اها ڪهڪشان (2.5) ٻه ڏهائي پنج يعني پنجويهه لک نوري سال پري آهي. ان ڪهڪشان کي اسان پنجويهه لک نوري سال پهرين ڏسي رهيا آهيون. ڪائنات ۾ اربين ڪهڪشائون آهن.

2016ع ۾ ناسا (NASA) جي هبل Hubble ٽيلي اسڪوپ پهريون ڀيرو هڪ ڪهڪشان ڏٺي جيڪا 13.4 ارب نوري سال پري آهي. ان ڪهڪشان جو نالو GN-g11 آهي. جنهن وقت اوهان کيس ٽيلي اسڪوپ سان ڏسو ٿا يعني کيس 13.4 ارب نوري سال پهرين ڏسي رهيا آهيون.

بگ بينگ Big Bang ٿيڻ کانپوءِ اها ڪهڪشان صرف 400 ملين سال بعد ۾ وجود ۾ آئي.

انهن ڪهڪشائن کي ڏسڻ کانپوءِ اسان کي ماضيءَ جي ڪائنات جي جوڙجڪ جي خبر پوندي.