وزيراعظم اڄ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي پيڙهه جو پٿر رکندو
وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. منصوبي تي 207 ارب رُپيا خرچ ٿيندا. ٽريڪ 29 ڪلو ميٽر ڊگهو ۽ 16 اسٽيشنون ٺاهيون وينديون. ڪي سي آر ۾ هڪ ئي وقت 814 مسافر سفر ڪري سگهندا. گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪي سي آر 11 سئو ارب رپين جي پيڪيج مان اچي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ سرڪار رڳو 6 ارب رُپيا ڏيئي رهي آهي.