خاص

وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي جو دورو ڪندو، مالي پئڪيج جي اعلان جو امڪان

وزيراعظم عمران خان اڄ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ معاشي حب ڪراچي جو اهم دورو ڪندو. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ مطابق امڪان آهي ته وزيراعظم شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ گهربل ترقي لاءِ ٽرانسفارميشن پلان تي عملدرآمد لاءِ مالي پيڪيج جو اعلان پڻ ڪندو. وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته عمران خان ڪراچي جون رونقون ۽ صنعتي شهر جي حقيقي سڃاڻپ بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي آهي، ان جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن. شبلي فراز چيو ته ڪراچي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون جن 12 سال ڊگهي حڪمراني ۾ ڪراچي شهر کي تباهه ڪيو.