وزيراعظم عمران خان پاران مولانا طارق جميل لاءِ جلد صحتيابي جي دعا
اسلام آباد وزيراعظم عمران خان مولانا طارق جميل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي وزيراعظم لکيو آهي ته مان مولانا طارق جميل جي ڪورونا وائرس مان جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار به مولانا طارق جميل جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. هن چيو آهي ته رب پاڪ کان کان دعا آهي ته مولانا طارق جميل جلد صحتياب ٿئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مولانا طارق جميل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي هڪ پيغام ۾ هن ٻڌايو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان طبيعت خراب هئي جنهن سبب مون ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جنهن جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي. مولانا طارق جميل ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن جي مشوري کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهيان. هن سمورن چاهيندڙن کان خصوصي دعائن جي درخواست به ڪئي آهي.

