چين بنا پائلٽ جي اڏام ڀريندڙ ٽيڪسي تيار ڪري ورتي

چين پائلٽ کانسواءِ هوائي ٽيڪسي تيار ڪري ورتي آهي جيڪا شهرين کي ٽريفڪ جام واري مسئلي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ کان علاوه تيز رفتار ۽ آرام ڏيندڙ سهولت فراهم ڪندي. خبر موجب اي بينگ نالي چيني ڪمپني اڏام ڀريندڙ ٽيڪسي تيار ڪري ورتي آهي، پر ان کي 3 سالن کانپوءِ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويندو. چين ۾ هي واحد هوائي ٽيڪسي سروس هوندي جيڪا بنا پائلٽ جي اڏامي سگهندي ۽ مسافرن کي مقرر هنڌ تائين پهچائيندي. هن ٽيڪسي ۾ هڪ وقت تقريبن 2 مسافر سفر ڪري سگهندا. هوائي ٽيڪسي 80 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته مذڪوره ٽيڪسي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي جنهن جو استعمال موبائل ايپليڪيشن جي ذريعي ڪري سگهبو جهڙي طرح روڊن تي هلندڙ ٽيڪسي لاءِ ڪندا آهن.
