وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو
وزيراعظم عمران خان قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) بابت اجلاس آڱاري تي گهرائي ورتو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڪريٽري ۽ ڊي جي سول ايوي ايشن به شرڪت ڪندا جنهن ۾ وزيراعظم کي قومي ايئر لائين جي ڪارڪردگي ۽ پرڏيهي ايئر لائين کي روٽ ڏيڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب پي آءِ اي جي چيف ايئر لائين کي روٽ ڏيڻ سان پي آءِ اي کي مالي خساري جو منهن ڏسڻو پوندو جڏهن ته ارشد ملڪ پي آءِ اي مٿان پابندين جو معاملو به کڻندو.