وزيراعظم پاران انگريزي ميڊيم ذهني غلامي ۽ جنسي ڏوهه وڌڻ جو سبب موبائل فون جو غلط استعمال قرار
لاهور ۾ ايجوڪيشن ڪنويشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته انگريزي ميڊيم ذهني غلامي هئي، اسان جي ملڪ جو هيٺ اچڻ جو وڏو سبب تعليمي نظام آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ اڳ تمام سٺو نظام هو، پر آهستي آهستي اهو هيٺ هليو ويو. ماضي ۾ ڪنهن به تعليم جي بهتري تي ڌيان نه ڏنو، طبقاتي تعليمي نظام معاشري کي ورهائي ڇڏيو، هڪ جهڙو نصاب مستقبل ۾ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن کي انگريزي نٿي اچي، پر پارليامينٽ ۽ سينيٽ اجلاسن ۾ ميمبر انگريزي ۾ تقرير شروع ڪري ٿا ڇڏين، اهو سڀ ڪجھ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. انگريز جي تعليمي نظام اسان کي ڪلچر ۽ اسلام کان به پري ڪيو. اصولي طور جڏهن اسين آزاد ٿياسين ته اسان کي هڪ نصاب بڻائڻ گھرجي ها، اسڪولن جو نظام ٽن طرفن ڏانهن هليو ويو، هڪ طرف ديني مدرسا، ٻئي طرف اردو ميڊيم ۽ ننڍن ڪلاسن لاءِ انگلش ميڊيم بڻجي ويا.

