خاص

وفاقي بجيٽ ۾ پگهار ۽ پينش ۾ واڌ نه ڪرڻ سان گڏ عوام لاءِ چانور، اٽو، کير، ڏهِي، کنڊ، چانهه جي پتي سميت ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌايا ويا آهن

وفاقي بجيٽ ۾ پگهار ۽ پينش ۾ واڌ نه ڪرڻ سان گڏ عوام لاءِ چانور، اٽو، کير، ڏهِي، کنڊ، چانهه جي پتي سميت ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌايا ويا آهن. بجيٽ ۾ چانور، اٽو، کير، ڏهِي، کنڊ، چانهه، لوڻ، وڏو گوشت، ٻاڪرو گوشت، جيئرِي مرغي مهانگي ڪئي وئي آهي. پٽاٽا، ٿوم، ادرڪ، ليمان ۽ ماچس پڻ مهانگا ڪيا ويا آهن. چڻن جِي دال، اڇا چڻا، بصر، ٽماٽا ۽ جنريٽر سستا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ سستو ۽ فون ڪال جا اگهه به گهٽايا ويا آهن. بجيٽ ۾ سگريٽ، اِي سگريٽ ۽ اِنرجِي ڊِرنڪس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 مان وڌائي سئو سيڪڙو ڪئي وئي، جڏهن ته مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ موبائل فون تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. آٽو رڪشا، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 2 سئو سي سي تائين موٽرسائيڪلن تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.