خاص

وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان ناانصافي ختم ڪئي وڃي: مراد علي شاهه جو وزيراعظم کي خط

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي اعتراض اٿاريندي وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي. مراد علي شاهه پاران عمران خان ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، سنڌ سان تعصباڻو رويو رکيو پيو وڃي. وفاق جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سنڌ جا منصوبا نظر انداز ڪيا ويا آهن ۽ وفاقي حڪومت جو ادارو ايس آءِ ڊي سي ايل سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان مداخلت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي خدشن کي هر ڀيري نظر انداز ڪيو پيو وڃي. خدارا سنڌ جي ماڻهن سان وفاقي حڪومت جي زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ اين ايڇ اي جي پنجاب لاءِ 22، سنڌ کي صرف 2 اسڪيمون ڏنيون ويون آهن ۽ سنڌ حڪومت جي سفارش ڪيل روڊن، پاڻي جي نيڪالي ۽ فراهمي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي اسڪيمون رد ڪيون ويون آهن. مراد علي شاهه وزيراعظم کي آگاهي ڏني آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ کي خيبر پختونخواهه کان گهٽ منصوبا ڏنا ويا آهن. بدقسمتي سان سنڌ کي وفاق ترقياتي منصوبن ۾ به نظر انداز ڪيو آهي. سيوهڻ، ڄامشورو روڊ لاءِ سنڌ وفاق کي 2017 ۾ 50 سيڪڙو رقم ڏني هئي، پر 4 سال گذرڻ جي باوجود اين ايڇ اي سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي تعمير مڪمل ناهي ڪئي وئي. مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ وفاق کان پي ايس ڊي پي تي نظرثاني جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم صاحب سنڌ کي محروم ڪرڻ جي بجاءِ ان جو حق ڏيو. وڏي وزير خط ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي ميگا منصوبي ڪي فور بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪي فور منصوبو لڳي نٿو ته وقت تي مڪمل ٿي سگهندو. وفاقي ناڻي واري وزارت پنجاب کي 86 هزار 605 ملين جا ۽ سنڌ کي صرف 4 هزار 808 ملين جا منصوبا ڏنا آهن. وفاقي حڪومت پنجاب جي صوبائي روڊ سيڪٽرن جي اسڪيمن جي لاءِ اربين رپين جا فنڊز ڏنا. سنڌ کي ڪابه اسڪيم ناهي ڏني وئي. ٻئي طرف صوبائي حڪومت کان صلاح کانسواءِ يونين ڪائونسل سطح تي غير معياري ڪم ڪرايا ويا آهن. 2017 جي وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جون 27 ۽ 22-2021 ۾ صرف 6 اسڪيمون شامل ڪيون ويون. سنڌ سان موجوده وفاقي حڪومت جو ناانصافين جو سلسلو جاري آهي.