وفاقي ڪابينا ميمبرن ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪري ڇڏي
وفاقي ڪابينا پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو ڪري ڇڏي. ڪابينا ميمبرن جي هڪ مهيني جي پگهار وزيراعظم فلڊ رليف فنڊ ۾ جمع ٿيندي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وزيراعظم کي 35 ڪروڙ ڊالرن جي فوري طور امداد کان آگاهه ڪيو آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثرن لاءِ 11 ڪروڙ ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ٻه ڪروڙ ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 15 لک پائونڊ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. پڌرائيءَ موجب يو ڪي ايڊ ٻوڏ متاثرن بابت منصوبن لاءِ 3 ڪروڙ 80 لک پائونڊن جو به اعلان ڪيو آهي.