وفاق سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (SIDCL) جوڙي ورتي آھي، سنڌ وفاق جي ڪالوني ناھي اھڙي ڪابھ ڪمپني سنڌ حڪومت کي منظور ناھي: سيد مراد علي شاھ

ڪالھھ ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٻڌايو ته وفاق سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (SIDCL) جوڙي آھي، لڳي ٿو وفاق سنڌ صوبي کي پنھنجي ڪالوني سمجھي رھيو آھي. اھڙي ڪابه ڪمپني سنڌ حڪومت کي منظور ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي پبلڪ سروس ڊولپمينٽ پروگرام ۾ ايندڙ سال لاءِ ڪي به نيون اسڪيمون ناھن ڏنيون ويون، سواءِ ٻن توانائيءَ جي اسڪيمن جي جنھن ۾ پاور ۽ گئس ڪنيڪشن ڌاٻيجي اسپيشل زون لاءِ ٻه اسڪيمون آھن. ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته وزيراعظم نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (NEC) جو اجلاس ٻن سالن ۾ صرف ٻه دفعا ڪوٺايو آھي. وفاقي حڪومت 20 اسڪيمون(SIDCL) جي نالي سان وزيراعظم جي نالي تي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. اسان کي SIDCL تي سخت اعتراض آھن ڇو ته اھڙيون ڪمپنيون ٻين  صوبن ۾ نه جوڙيون ويون آھن.