خاص

ٽرين ۾ ويڪسين کانسواءِ سفر تي پابندي

15 سيپٽمبر کان ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ نه لڳرائڻ وارن مسافرن کي ريلوي جي ٽڪيٽ جاري نه ڪئي ويندي. پاڪستان ريلوي 15 سيپٽمبر کان ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ ۽ 15 آڪٽوبر کان مڪمل ويڪسينيشن جي بغير مسافرن کي ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلوي اسٽيشنن تي ايس او پيز جي موجب چيڪنگ جو نظام موثر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته 15 سيپٽمبر کان ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ ۽ 15 آڪٽوبر کان مڪمل ويڪسينيشن وارن مسافرن کي ئي سفر جي اجازت هوندي.