ٽيون ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ٽيون ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ زمبابوي ۾ کيڏيو ويندو. ٽن ميچن جي سيريز 1-1 سان برابر آهي. پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون اڄ فيصلو ڪندڙ ميچ جي لاءِ هراري جي ميدان ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. پاڪستاني وقت موجب ميچ 2 وڳي شروع ٿيندو. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ سان برابر آهي. جنهن سبب اڄوڪو ميچ کٽيندڙ ٽيم سيريز جي فاتح قرار ڏني ويندي. واضح رهي ته ٻئين ٽي 20 ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان کي 19 رنسن تان شڪست ڏني هئي. گذريل ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي طرفان ڏنل 119 رنسن جو آسان هدف به حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو ۽ مقرر 20 اوورز ۾ 99 رنسون ٺاهي سموري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments