ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: يو اي اِي کي ميزباني جو اشارو ملي ويو
متحده عرب امارات کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ اشارو ملي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ هلندڙ سال نومبر دوران ڀارت ۾ کيڏيو ويندو جتي هن وقت ڪورونا وائرس بي قابو ٿي ويو آهي جنهن ڪري بي سي سي آءِ کي جاري آءِ پي ايل لاءِ حفاظتي قدم هڪ چئلينج آهي. موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ متحده عرب امارات کي ميگا ايونٽ لاءِ اسٽينڊ هاءِ قرار ڏنو ويو هو. جڏهن ته هاڻ ميزباني جي لاءِ به تيار رهڻ جو اشارو ملي ويو آهي توڙي جو ان لاءِ سريلنڪا به آڇ ڪئي، پر گهٽ آبادي ۽ نوجوانن جي اڪثريت جي ڪري يو اي اِي کي ترجيح ڏني وئي آهي. بي آءِ سي سي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايونٽ اڃان 6 مهينا پوئتي آهي تنهنڪري منتقلي جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي جي توقع ناهي، وقت اچڻ تي ئي ڪو قدم کنيو ويندو.