ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين
وزيراعظم چيو ته ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين. ترڪ نشرياتي اداري ٽي آر ٽي ورلڊ کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته ٽي ٽي پي کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ ڳالهيون جاري آهن. ڳالهين لاءِ افغان طالبان ٽياڪڙي ڪري رھيا آھن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروهن سان رابطي ۾ آهيون. ڪجهه گروهه حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا. ٽي ٽي پي کي عام شهرين جيان رهڻو پوندو.