پاڪستاني اداڪاره ماهره خان کي خوابن جو شهزادو ملي ويو

پاڪستاني اداڪاره ماهره خان کي خوابن جو شهزادو ملي ويو. پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي ماهره خان اعتراف ڪري ورتو. هن چيو ته خبر ناهي ته ڪنهن جي نيڪي جي بدلي ۾ اوهان مون کي مليا آهيو. مان اوهان جي لائق ناهيان. سليم ڪريم منهنجي زندگي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. تفصيل موجب پاڪستاني اداڪاره ماهره خان دل جي ڳالهه زبان تي کڻي آئي. هن چيو ته مون کي خوابن جو شهزادو سليم ملي ويو. مشهور اداڪاره ان ڳالهه جو اعتراف سوشل ميڊيا تي ڪيو. ماهره خان چيو آهي ته مون کي واپاري سليم ڪريم سان پيار ٿي ويو آهي. ان بابت بيان ڪرڻ مشڪل آهي. خبر ناهي هو مون کي ڪهڙي نيڪي جي بدلي ۾ مليو آهي مان ان جي لائق نه هئس. ماهره خان وڌيڪ چيو ته مان اهو بيان نٿي ڪري سگهان ته مان ڪهڙي طريقي سان سندس محبت ۾ گرفتار ٿي آهيان. سليم منهنجي زندگي جو مرڪز آهي. پيار جو احساس ڇا هوندو آهي اڄ مون کي ان جي خبر پئي آهي. پاڪستاني سپر اسٽار وڌيڪ چيو ته خدا ڪري اسان جا لاڳاپا بهتر رهن ۽ اسان جي محبت دنيا جي لاءِ مثال بڻجي سگهي.
