پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، وقت آيو ته هر چئلينج جو جواب طاقت سان ڏنو ويندو: آءِ ايس پي آر
پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار واضح ڪيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند ۽ امن جي لاءِ بيٺل آهي، پر پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجن جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو. ڊي جي ميجر جنرل بابر افتخار 27 فيبروري 2019 جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستاني هٿيار بند فوج قومي حمايت سان گڏ هر خطري کان مادر وطن جو دفاع ڪندي رهندي. هن چيو ته 27 فيبروري 2019 ان ڳالهه جو عڪس آهي ته پاڪستان جي هٿيار بند فوج ملڪ جي بچاءُ لاءِ هر وقت تيار آهي. ڪنهن قوم کي عددي برتري سان نه پر قوم جي حوصلي ۽ عزم سان ڪاميابي ملندي آهي. ٻئي طرف ڀارت جا 2 جنگي جهاز ڪيرائڻ واري آپريشن کي 2 سال مڪمل ٿي ويا. 26 فيبروري 2019 جي رات جي اونداهي ۾ ڪيل ڀارت جي نام نهاد سرجيڪل اسٽرائيڪ جو جواب پاڪستان طرفان 27 فيبروري 2019 تي ڏينهن جي روشني ۾ ڏنو ويو.