خاص

پاڪستان سان سهڪار جاري رکنداسين: آءِ ايم ايف

آءِ ايم ايف ڪنٽري هيڊ چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ڪورونا جي روڪٿام لاءِ مثبت قدم کنيا آهن. آءِ ايم ايف پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو. ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان پاڪستان ۾ نامزد آءِ ايم ايف جي ڪنٽري هيڊ ايستر پيريز ريوز ملاقات ڪئي. جنهن ۾ آءِ ايم ايف جو عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري نمائنده به موجود هئي. ملاقات ۾ شوڪت ترين نامزد نمائندي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.