پاڪستان سهڪار به ڪيو ۽ اسان جي مفادن جي خلاف به رهيو: آمريڪا

آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪري جيسين طالبان عورتن جي حقن کي نٿو مڃي ۽ افغانستان مان نڪرندڙ خواهشمندن کي وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري انٽوني بلنڪن افغانستان مان آمريڪا جي واپسي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪانگريس جي سوالن جا جواب ڏنا. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان جو افغانستان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان سهڪار به ڪيو ۽ ان جي مفادن جي خلاف به رهيو، مستقبل ۾ آمريڪا پاڪستان سان ڪهڙا لاڳاپا قائم ڪندو. ان حوالي سان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ جائزو ورتو ويندو. انٽوني بلنڪن جي مطابق طالبان چيو آهي ته افغان زمين شدت پسندن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، القاعده ۽ داعش افغان سر زمين استعمال نه ڪندا، آمريڪا خطي ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته انساني همدردي تحت افغانستان کي هن وقت 33 ڪروڙ ڊالر امداد ڏني پئي وڃي، گذريل هفتي تائين هڪ سئو آمريڪي شهرين افغانستان ڇڏڻ جو پيغام ڏنو، 60 ماڻهن جي لاءِ جهاز ۾ جڳهه هئي پر 30 ڄڻا ايئرپورٽ تي پهچي سگهيا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments