خاص

پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي پيش ڪري ڇڏيا

پاڪستان ڀارت طرفان دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترس کي پيش ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم گڏيل قومن جي صدارتي آفيس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترس سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب پاڪستاني سفير منير اڪرم ڀارتي دهشتگردي جي ثبوت بابت پاڪستاني ڊوزيئر جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پيش ڪري ڇڏي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يقين ڏياريو ته هن رپورٽ تي غور ڪنداسين ۽ ان جو جائزو وٺنداسين. مستقل سفير منير اڪرم ڊوزيئر ۾ ڏنل مختلف شاهدين جي روشني ۾ ڀارتي دهشتگردي تي سيڪريٽري جنرل کي بريف ڪيو. منير اڪرم چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندر کلم کلا دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيو آهي گڏيل قومن جو ادارو ان جو نوٽيس وٺي ۽ ڊوزيئر جون ڪاپيون گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪاميٽي ۾ پيش ڪيون وڃن.