پاڪستان ۾ نئين ايئر لائين شروع ڪرڻ جو فيصلو
ليڪسن گروپ ۽ ايئر عربيا گڏيل طور پاڪستان ۾ نئين ايئرلائين شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان سان ايئر عربيا جي چيئرمين شيخ عبدالله بن محمد الثاني ملاقات به ڪئي آهي. پڌرائي موجب شروعاتي طور تي پاڪستان ۾ مختلف ڊومسٽڪ روٽس تي اڏامون هلايون وينديون، ان کانپوءِ فلائيٽ آپريشن کي عالمي سطح تي آندو ويندو. ليڪسن گروپ جي چيئرمين اقبال علي لاکاڻي چيو آهي ته اسان کي خوشي ٿي رهي آهي ته انهن جو گروپ ايئر عربيا سان گڏجي پاڪستان ۾ ايئرلائين جي شروعات ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهڙي عمل سان پاڪستان جي ٽريول ۽ ٽوئرزم جي صعنت کي فائدو ٿيندو ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو. ايئر عربيا گروپ جي چيئرمين شيخ عبدالله بن محمد الثاني چيو آهي ته نئين ايئر لائين مان ماڻهن کي معياري ۽ گهٽ اگهن ۾ سفر جون سهولتون ملنديون.