پي سي بي دٻاءُ ۾ اچي فيصلو ڪري ڇڏيو
پي سي بي دٻاءُ ۾ اچي سياسي شخصيتن لاءِ ڪرڪيٽ جا دروازا کولي ڇڏيا. نئين پي سي بي آئين ۾ سياسي شخصيتن ۽ سرڪاري ملازمن جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ آرٽيڪل 8.2 (e) متعارف ڪرايو ويو هو، ان تحت ڪنهن به سياسي پارٽي جو نمائندو هجي يا سرڪاري عهديدار هجي اهو ڪلب جي عهدن تي نٿو اچي سگهي، پر تازو گورننگ بورڊ جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان پريس رليز جاري ڪندي چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 8.2 (e) کي حذف ڪيو ويو آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسيمبلي ميمبرن سميت سياسي ڪلبن جي اليڪشن وڙهي صدر ۽ خزانچي ٿي سگهن ٿا، پر اهو معاملو اتي ختم نه ٿيندو ڪلبن مان چونڊيل اهي سياسي شخصيتون اڳتي هلي سٽي ۽ پوءِ صوبائي ايسوسيئيشنن جي عهدن تي به ويهي سگهندا. سياسي شخصيتن جي اثر رسوخ جي ڪري ئي پي سي بي کي يوٽرن وٺڻو پيو، ماهرن ان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.