خاص

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل اسلام آباد مان گرفتار، بغاوت جو ڪيس داخل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو. مراد سعيد پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي. مراد سعيد چيو ته شهباز گل جي گاڏي جا شيشا به ٽوڙيا ويا ۽ ڊرائيور کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان حوالي سان فواد چوڌري جو چوڻ هو ته شهباز گل کي بني گالا چوڪ وٽان ماڻهن اغوا ڪيو، جيڪي بنا نمبر پليٽ وارين گاڏين ۾ آيا. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل جي ادارن خلاف بيان بازي ۽ ماڻهن کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گل خلاف ڪيس ۾ ادارن ۽ انهن جي سربراهن خلاف ڀڙڪائڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته شهباز گل گذريل ڏينهن هڪ خانگي ٽي وي تي پاڪ فوج ۾ بغاوت بابت چڙ ڏياريندڙ ۽ توهين جوڳا لفظ ڳالهايا هئا. ان کانسواءِ شهباز گل صحافين سان بدتميزي پڻ ڪندو رهيو آهي. شهباز گل سياستدانن خلاف بدتميزي ۽ ذاتي حملا ڪرڻ دوران بيورو ڪريٽس کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون.