خاص

پي ٽي آءِ طرفان فاطمه ڀٽو کي پارٽي ۾ شموليت ۽ سينيٽر بنائڻ جي آڇ جو انڪشاف

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطمه ڀٽو کي پي ٽي آءِ جي اهم شخصيت پاران پارٽي ۾ شموليت جي هڪ وڏي آڇ جو انڪشاف ٿيو آهي، پر هن ثابت قدم رهندي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير جي ورسي جي موقعي تي فاطمه ڀٽو کي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب رحيم ۽ ملڪ جي موجوده گورنر عمران اسماعيل سميت هڪ اهم شخصيت سياست ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، ارباب رحيم ان حوالي سان ٻڌايو ته فاطمه ڀٽو سياست ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سندس ڀاءُ به سياست ۾ نه ايندو. گذريل مهيني لنڊن ۾ ذلفي بخاري، شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي دوست ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ ڄام صادق علي جي پٽ سبوق مجيد، جنهن مرتضيٰ ڀٽو کي ملڪ آندو هو ۽ پاڪستان اچڻ تي ساڻس گڏ هو، آمريڪا ۾ هڪ اڳوڻي سفير به ٽنهي فاطمه ڀٽو سان ٽي ملاقاتون ڪيون هيون ۽ موجوده حڪومت ۾ فاطمه ڀٽو کي سينيٽ ۾ آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ شوڪت ترين کان اڳ هن کي اهڙي آڇ ڪئي وئي هئي، پر فاطمه ڀٽو انڪار ڪندي اهڙي آڇ کي رد ڪندي چيو ته منهنجي رڳن ۾ ڀٽو جو رت آهي، منهنجو ڏاڏو ۽ پڦي بينظير ڀٽو آخري نصيحت ڪري ويا هئا ته ڀٽا پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندا پر وڪامجندا ڪونه ۽ ڀٽو ازم نظريو ختم نه ٿي سگهندو. فاطمه ڀٽو ملاقاتن ۾ چيو ته آصف زرداري، بلاول، آصفه ۽ بختاور سان اسان جا خون جا رشتا آهن، سياست مختلف شيءِ آهي، سياست خاطر رت جي رشتن کان منهن ڦيري نٿا سگهون.