پي ڊي ايم جو اليڪشن ڪميشن آڏو حتجاج، موجوده حڪومت جي خاتمي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان
مريم نواز چيو آهي آهي ته عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارت وٽان پئسو مليو، چور چور چوندڙ پاڻ چور نڪتو، پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي عوام جي ووٽ جو تحفظ ڪرڻو هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ناهي ڏنو جيڪو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آڏو پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هي احتجاجي ريلي ۽ احتجاج آهي ته پوءِ ڏسي ڇڏيو جنهن ڏينهن عوام لانگ مارچ جي لاءِ پهچندو ته ڪهڙي حالت هوندي. هن چيو ته اسان اڄ اهڙي روڊ تي موجود آهيون جنهن کي شاهراهه دستور چوندا آهن، جنهن جي ٻنهي پاسن کان انصاف ڏيندڙ ادارا موجود آهن پر ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي جنهن ملڪ ۾ اسان رهون پيا اُتي نه ڪو آئين آهي ۽ نه انصاف، اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ان ڪري گڏ ٿيا آهيون جيئن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سندس آئيني ذميواريون ياد ڏيارجن. سندس چوڻ هو ته اسان هتي ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته جيئن محترم چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌائي سگهون ته توهان جو ادارو پاڪستان جو آئيني ۽ قوم جو ادارو آهي، جنهن کي آئين ۾ عوام جي راءِ جو امين بڻايو آهي، آئين جي ڪتاب ووٽ جي عزت جي ذميواري عطا ڪئي آهي، هي اُهو ادارو آهي جنهن کي عوام جي ووٽ جي عزت ڪرائڻي هئي. مريم نواز چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فراڊ جو نالو تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس آهي، نومبر 2014ع ۾ اِهو ڪيس داخل ٿيو هو. هن چيو ته نواز شريف جو ڪيس ڏينهن ۾ هلندو آهي ۽ ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ڏينهن ۾ ٻه ٻه ٻڌڻيون به ٿينديون آهن، پر هن اداري 7 ورهين ۾ 70 ٻڌڻيون ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تي مڙهيل عمران خان ڪيس کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ 30 ڀيرا ڪوششون ڪيون، اِهو ڪير چوندو هو ته جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته جهڙتي ڏيو، اڄ پي ڊي ايم ۽ عوام پڇي ٿي ته جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ته 30 ڀيرا ڪيس کي روڪرائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي وئي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر چيو ته هن تابعداد هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ڀيرا درخواستون ڪيون ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي ۽ اي سي پي جي اسڪروٽني ڪميٽي بڻائي، جنهن جو ڪم جاچ ڪري تفصيل عوام جي آڏو رکڻ هو، جڏهن جاچ ٿي ته ڏوهن جو ڊگهو داستان سامهون آيو ڇو ته مٿان کان حڪم هو ۽ اسڪروٽني ڪميٽي کي چيو ويو ته انهن تي هلڪو هٿ رکو پوءِ اسڪروٽني ڪميٽي عمران خان ۽ اليڪشن ڪميشن جي تابعدار بڻجي وئي. سندس چوڻ هو ته 80 ٻڌڻين دوران عمران خان گهٽ ۾ گهٽ 24 ڀيرا ڪارروائي روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 4 ڀيرا درخواستون ڏنيون ته ڪارروائي کي ڳجهو رکيو وڃي، جيڪڏهن توهان ايترا ئي صاف هئا ته ڪارروائي کي ڳجهو رکرائڻ جي لاءِ درخواستون ڇو ڏنيون، ان جو مطلب آهي ته چوري ٿي آهي ۽ چوري به وڏي ٿي آهي. پي ٽي آءِ فنڊنگ تي ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي اڪائونٽس ۾ پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس مان پئسا هنڊي جي ذريعي آيا، هاڻ خبر پئي ته هي ڪنٽينر تي ويهي عوام کي تربيت ڏيندو هو ته هنڊي جي ذريعي پئسا گهرايو ڇو ته هو پاڻ هنڊي جي ذريعي پئسا گهرائيندو هو. ٻئي طرف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ناجائز قرار ڏيندي ان جي خاتمي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن ٻاهران جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان پڳون ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ لاءِ ٻڌيون آهن، جيڪڏهن عزت نه ٿيندي ته پوءِ اهي پڳڙيون لاهڻ گهرجن، حڪمرانن جي خلاف تحريڪ جهاد آهي، ان کان پوئتي نه هٽنداسين، دائري ۾ رهي چور حڪمرانن جي خلاف ميدان ۾ رهڻو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي جدوجهد ڪري قوم کي ان عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ اڄ سياسي قيادت گڏ آهي، اسان انهن جو پيڇو ڪنداسين، هي حڪمران پاڪستان جي مٿي تي بدنما داغ آهن، اهو داغ اسان کي رت سان ئي ڇو نه ڌوئڻو پئي، اهو ڌوئينداسين، جيڪڏهن ڪو بزدل آهي ته اسان جي صفن مان نڪري پنهنجي گهرن ۾ وڃي زالن سان ويهي رهن.

