پ پ ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت واري معاملي تي شهباز ۽ مريم ۾ اختلاف سامهون اچي ويا
پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پاران پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت واري معاملي تي شهباز شريف ۽ مريم نواز ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. شهباز شريف بنهي پارٽين جو حامي آهي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت جي معاملي ۾ شهباز شريف ٻنهي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ جو حامي آهي جڏهن ته مريم نواز پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي معافي واري معاملي تي بضد آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعد رفيق، رانا تنوير، راجه ظفرالحق، شهباز شريف جي موقف جو حامي آهي جڏهن ته (ن) ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ ٻڏتر جو شڪار آهن ته ڪنهن جو ساٿ ڏنو وڃي. ذريعن موجب شهباز شريف گروپ جو چوڻ آهي ته مولانا پي ڊي ايم سربراهه جو ڪردار ادا نه پيو ڪري سگهي ۽ هو جوڙڻ جي بجاءِ ٽوڙڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. شهباز گروپ وڌيڪ چيو آهي ته اپوزيشن جي جهيڙي عمران خان کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. پ پ بجيٽ اجلاس ۾ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. ان حوالي سان شهباز شريف گروپ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسان جو مقابلو بلاول ڀٽو سان نه پر عمران خان سان آهي. ٻئي طرف مريم نواز گروپ جو چوڻ آهي ته مرڪزي اڳواڻ نواز شريف مريم سان گڏ آهي. پارٽي ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف نه آهن. سڀني جو گڏيل اڳواڻ نواز شريف آهي.