خاص

ڀارت داعش جون 5 تربيتي ڪئمپون هلائي رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

پرڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار ڀارت جو مڪروه چهرو دنيا سامهون وائکو ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جون 5 ڪئمپون هلائي رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ 8 هزار  226 اجتماعي قبرون هٿ ڪيون ويون آهن، اهي قبرون ڀارتي فوج بي ڏوهي ڪشميرين کي قتل ڪري ٺاهيون، انهن سڀني ماڻهن کي ظالماڻي طريقي سان ماريو ويو. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج 239 ٽارگيٽ سيل قائم ڪيا آهن، 2014 کانپوءِ 30 هزار ماڻهن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪيا ويا. ڀارتي فوج 3 هزار 800 کان وڌيڪ عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته برطانوي اخبار موجب والاريل ڪشمير ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهو گم آهن. عاصم افتخار موجب والاريل ڪشمير ۾ 2014 کان هيل تائين 15 هزار 495 گهيراءُ ۽ سرچ آپريشن ڪيا ويا، ڀارت طرفان 13 هزار ٻارن کي قيد ڪيو ويو، ڀارت جا 6 اهڙا ڊراڪولائي قانون آهن، جيڪي ڪنهن به شخص کي دهشتگرد قرار ڏيئي سگهن ٿا، جڏهن ته ڀارت داعش جون 5 تربيتي ڪئمپون به هلائي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.