ڇا هي ستارا ٻوڏ متاثرن ڏانهن موڪليا ويا آهن؟ نيٺ معاملو ڇا آهي؟

آسمان تي چمڪندڙ ستارن جهڙي روشنين جي قطار ڏسي ڪي ماڻهو ڊپ ۾ آهن ته ڪي وري انهن کي ستارن جي قطار چئي پنهنجن پنهنجن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪري رهيا آهن. انٽرنيٽ واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هي ستارا آهن جيڪي قطار ۾ گذري رهيا آهن. ڪجهه واهپيدارن انهيءَ حقيقت تان پردو کڻندي ٻڌايو آهي ته هي ڪا ستارن جي قطار نه پر هي هڪ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جو تجربو آهي جيڪو تارن جي قطار جيان نظر اچي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته اها ايلون مسڪ جي ٽيڪنالاجي آهي جنهن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي. مختلف پوسٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي هٿرادو سيٽلائيٽ سڄي دنيا جي سهولت لاءِ آهن، جيڪي اڳتي هلي بنا ڪنهن ٽاور جي هر هنڌ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندا. ان حوالي سان نه ئي ڪنهن ڪمپني ۽ نه ئي ايلون مسڪ تصديق ڪئي آهي ته اها روشنين جي قطار هنن جي ٽيڪنالاجي آهي يا ٻيو ڪجهه آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments