ادب

ڊائري جا ورق سرمد کوسو July 2021

برساتون

  • برساتون هونئن ته فائديمند هونديون آهن، پر جتي هر نظام تباهه لڳو پيو هُجي، اُتي مسلسل ۽ تيز برساتون ته پنهنجي جڳهه تي، پر هلڪيون برساتون به ڪيتريون ئي پريشانيون پاڻ سان کڻي ٿيون اچن. هن وقت ٿر ۽ ٻين علائقن ۾ ضرور فائدو ٿيو آهي، پر لاڙ جي ضلعن ۾ نقصان ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه برساتن کانپوءِ سنڌ جي تقريبن هر شهر جي حالت خراب آهي.
  • مختلف مافيائن، پاڻي جي قدرتي گَسن تي قبضا ڪري، انهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. شهرن ۾ ڊرينيج جو ڪوبه نظام ناهي. هاڻي ماڻهن لاءِ گهرن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
  • خاص طور اسڪولن ڏانهن ويندڙ ٻارڙا وڏي تڪليف کي منهن ڏين ٿا. اسڪول پهچندي پهچندي هڪ ته کين دير ٿيو وڃي، ٻيو سندن ڪپڙا ۽ جتيون خراب ٿيو وڃن. ان سان گڏ ڪيترين ئي بيمارين ڦهلجڻ جو انديشو آهي.
  • برساتن جو سڌو سنئون اثر اسان جي ماحول، زراعت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي ٿيندو آهي.
  • لاڙ کي هونئن ئي پاڻي ناهي ملندو. سو اهو هميشه سُڪندو آهي ۽ وري جڏهن تيز برساتون پونديون آهن ته ٻُڏندو آهي.
  • بدين ضلعي ۾ ڪجهه سالن کان زراعت ته ٺهيو، پر پيئڻ جو پاڻي مشڪل ٿو ملي. ان حالت ۾ ماڻهن کي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي جي لپ تڏهن ٿي ملي، جڏهن ان فصل پوکڻ جو وقت گذري ٿو وڃي.
  • هن سال ٿورو پاڻي ئي سهي، پر تمام دير سان مليو. ماڻهن قرض کڻي پاڇاٽا فصل پوکيا. جن مان هاڻي ڪجهه ملڻ جو آسرو ٿيو هو. جيڪي ڪجهه ڏينهن کان پوندڙ مسلسل برساتن جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن.
  • نااهل ۽ نڪمي نظام جي سزا اهو غريب ئي ڀوڳي ٿو، جنهن جون انهن فصلن ۽ برساتن سان ڪيتريون ئي اميدون وابسته هيون.
  • پنهنجي محنت، اوجاڳن ۽ اميدن جو قتل ٿيندو ڏسي، اهو غريب هاري ان نقصان جا ڪي به دليل ۽ سبب ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن لاءِ اهي سڀ بحث فضول ئي آهن.
  • مسلسل ۽ تيز برساتن کانپوءِ هاڻي اها مخلوق به نڪري ايندي، جنهن کي ان غريب جي ٿيل نقصان جو تماشو ڪرائي، ان کي ڪيش ڪرائي مال وٺي کائڻو آهي. غريب مزدور ۽ هاري ساڳيو سورن ۾ آهي.
  • ماڻهو مري ٿو وڃي، پر پيار زنده رهي ٿو.
  • زندگي پيار جو گيت آهي. جنهن کي هرڪو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳائي ٿو.
  • ڪائنات ۾ هر شيءِ جو پنهنجو پنهنجو ردم ۽ رقص آهي.
  • موسيقي، مون لاءِ نه رڳو روح جي غذا آهي، پر گهڻو ڪجهه آهي.
  • نٽشي ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه چئي آهي ته، “موسيقي کانسواءِ زندگي غلطي ئي هُجي ها!.”
  • جڏهن به ڪو اڳ ٻُڌل گيت، ڪافي سالن پڄاڻان اسان جي ڪنن تي پوندو آهي ته پاڻ سان ڪيتريون ئي يادون کڻي ايندو آهي.
  • هر دور جي پنهنجي پنهنجي موسيقي آهي ۽ هر ماڻهو جو ذائقو پنهنجو پنهنجو آهي.
  • مون جڏهن به ڪو سدا بهار گيت ٻُڌو آهي ته مون ايئن محسوس ڪيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو ٻُڌي رهيو آهيان.
  • ڪوبه ساز وڄائڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
  • آئون ڪهڙي به موڊ ۾ هُجان، اُن موڊ ۾ ڪشور ڪمار جو آواز ۽ سندس ڳايل سدا بهار گانا، منهنجا ساٿي هوندا آهن.
  • مون جڏهن به ڀٽائي سائين جو ڪو بيت وري وري پڙهيو آهي، مون کي اُهو نئون لڳو آهي. هر ڀيري اُن مان ڪي نوان ڏاهپ جا گس مليا آهن.
  • ڀٽائي سائين اسان جو فڪري رهبر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اڄ جي هر نوجوان کي ڀٽائي سائين جي شاعري کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
  • اڄ جيڪي ٻار سنڌ جي وڏن وڏن مهانگن اسڪولن ۾ پڙهن پيا، سي سڀ نه رڳو ڀٽائي کان اڻواقف آهن، پر سنڌي ٻوليءَ کان به اڻواقف آهن.
  • انهن ٻارن ۾ انهن سڀني سنڌي ڪامورن، سياستدانن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن، استادن، سماج سڌارڪن، صحافين ۽ واپارين جا ٻار به شامل آهن، جيڪي ڪامورا، سياستدان، ڊاڪٽر، پروفيسر، استاد، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ واپاري چوويهه ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي درد ۾ ورتل آهن.
  • ڀٽائي سائين کي اڄ به غريب هاري جو ٻار پڙهي ٿو، اڄ به ڪنهن جهڳي ۾ هلندڙ پرائمري اسڪول تي پرائمري استاد، ٻارن کي ڀٽائي جا بيت ياد ڪرائي پيو.
  • اڄ جي نوجوانن جو وڏو انگ، ڀٽائي سائين کي نٿو پڙهي يا نٿو سمجهي! اُن جا سبب ڪهڙا آهن، انهن تي سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
  • موجوده وقت ۾ ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ موجود سائنسي پهلو کي ايڪسپلور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
  • اسان جي تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف ذريعن، ڀٽائي سائين کي ڪيتري اهميت ۽ وقت ڏنو آهي.؟!
  • اڄ جا ڪيترا پروفيسر، استاد، ڊاڪٽر، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ ٻين شعبن جا ماڻهو، ڀٽائي سائين کي پڙهندا، سمجهندا يا پڙهي سگهندا هوندا؟.
  • مون اهو مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جي سماج جو اهو وڏو الميو آهي ته هتي وڏين هستين کي ڪجهه فردن، گروهن، خاندانن، نام نهاد ادارن ۽ جڳهين تائين محدود ڪري، انهن جي ڪم ۽ فڪر سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي.

***