ڊائري جا ورق : نفيس نهڙي

ڪاش..! لفظ چوڻ سان ته ننڍڙو ٿئي ٿو مگر گهرائي ۽ اونهائي هڪ کلندڙ چهري کي به ٻوڙيو ڇڏي.

زندگي حسين آهي مگر الائي ڇو گذارڻ وارا حسناڪي جي راھ ڀٽڪي ڪري پوءِ عذاب جي ور چڙهيو وڃن.

قدرت جي خلقيل هن دلربا دنيا جو مزو اهي ئي ماڻي سگهن ٿا جنهن وچٿرائي جو رستو اختيار ڪيو.

مسافري دوران گڏ سفر ڪندڙ اجنبي ساٿي کي صرف هڪ مُرڪ ارپجي ته شايد ڊگھا سفر به ننڍا لڳڻ لڳندا.

اکيون ڪافرياڻيون هجن يا کڻي مومنياڻيون، پر ڏٺو وڃي ته ڪائنات جا رنگ هڪ سريکا ئي ڏسي سگهنديون آهن.

ڪتابن سان محبت ڪرڻ وارا هميشه امن پرستي جي درس جا قائل رهندا آهن تڏهن ته چند دشمن به دوستي جي ڊگهي قطار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻمرادو کسڪي گڏجي ويندا آهن.

پاڻ پڙهڻ خاطر ڀٽڪڻ کي اول ترجيح ڏينداسين ڇو ته انمول ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جو نصيب بڻجي پهچن ٿا.

علم جو آکيرو طوفان ۽ بارشن سان ڀني ته سگهي ٿو مگر ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.

چانڊوڪي راتين جي پهرن ۾ سنڌو کي چمڻ کان وٺي چنڊ جي لهڻ تائين تارن جي اک ۾ حسرت رهي ٿي ته ڪاش سنڌو جي پاڻي ۾ پل لاءِ پکي ٿي تڙڳجي ۽ ڪناري تي بيهي مرڪڻ جو وشال شرف هڪ ڀيرو حاصل ٿي پئي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments