خاص

ڏهرڪي، نوڪريءَ جو بهانو، وارداتون ڪندڙ عورتن جو گروهه گرفتار

رحيم يار خان ۾ عورتن جو گروهه نوڪري جي تلاش بهاني گهرن ۾ گهڙي وارداتون ڪرڻ لڳو. عورتن واري گروهه جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچڻ بعد پوليس اوڪاڙه جي رهواسي چئن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙين عورتن خلاف رحيم يار خان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس به داخل ٿيل آھن، وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس موجب وارداتن ۾ ملوث عورتن مختلف گهرن مان 50  لک کان وڌيڪ رقم جي ڦر ڪئي آهي، رحيم يار خان ٿاڻي جي سٽي پوليس وارداتن ۾ ملوث شميم ۽ نائلا سميت چئن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.