ڪافي جو استعمال زندگي وڌائي ٿو
ڪافي جي استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي، ماهرن موجب روزانو 3 ڪپ ڪافي پيئڻ سان ڪنهن به سبب موت جو خطرو 12 سيڪڙو ۽ دل جي بيمارين سبب مرڻ جو خطرو 17 سيڪڙو تائين گھٽجي وڃي ٿو. هنگري جي هڪ يونيورسٽي جي محققن ڪافي پيئڻ جي عادتن، هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جي واقعن وچ ۾ تعلق جي جاچ ڪئي. تحقيق دوران کين خبر پئي ته وچولي درجي جي ڪافي جو استعمال فالج جي خطري کي ڪافي نه پيئندڙن جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو تائين گھٽائي سگھي ٿو. محققن جو چوڻ هو ته ماڻهن ۾ ڪافي جي باقاعده استعمال ۽ ڪافي جي دل تي پوندڙ اثرن جو منظم انداز ۾ جائزو ورتو ويو. ماهرن موجب تحقيق جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته ڪافي جو باقاعده استعمال محفوظ آهي، ايتري تائين جو ڪافي جي روزانو وڌيڪ مقدار ۾ استعمال به صحت تي ناڪاري اثر نٿو وجهي ۽ 10 کان 15 سالن تائين لاڳيتو ڪافي جو استعمال به موت جو سبب نٿو بڻجي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ۾ اڌ کان 3 ڪپ تائين ڪافي پيئڻ فالج جي خطرن، دل جي مرضن يا ڪنهن به سبب موت جي خطرن کي گھٽ ڪري ڇڏي ٿو. مطالعي ۾ ڊاڪٽر سائمن ۽ سندس ساٿين 11 سالن دوران ساڍا چار لک کان وڌيڪ ماڻهن جي صحت ۽ ڪافي جي استعمال جي عادت جو جائزو ورتو. مطالعي جي شروعات ۾ شريڪ ماڻهن ۾ ڪنهن کي به دل جي بيماري نه هئي.