ڪالعدم تنظيم ٽي ايل پي جو احتجاج جاري، اھم رستا بند
ڪالعدم تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي مظاهرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آھي. مظاهرين کي روڪڻ لاءِ چناب درياهه پُل جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون. اسلام آباد ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل ڪيا ويا. مظاهري سبب راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ۽ مري روڊ تي ٽريفڪ بند پيل آھي. ڌرڻي سبب جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند. وزيرآباد کان سيالڪوٽ ويندڙ رستن تي کڏون کوٽي ٻنھي شھرن جو رابطو ختم ڪيو ويو آھي.

