خاص

ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ ڌماڪو، عورت مارجي وئي، 12 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اطلاعن موجب ڌماڪو کارادر پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ ميمڻ مسجد ڀرسان اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ ڪپڙي جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي هاڻ ضابطو آندو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب بم هڪ موٽرسائيڪل ۾ رکيل هو، ڌماڪي ۾ کارادر ٿاڻي جي پوليس موبائل تباهه ٿي وئي، موبائل جيئن ئي موٽرسائيڪل جي ڀرسان پهتي ته ڌماڪو ٿي ويو. ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب مارجي ويل عورت رڪشي ۾ سوار هئي، پوليس موبائل معمول جي گشت تي هئي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ اتي موجود ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن ۽ دڪانن کي به نقصان پهتو.