خاص

ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ٽن وڏين سياسي جماعتن جي ويهڪ

ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ شهر جي ٽن وڏين سياسي جماعتن جي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ٻه اهم ملاقاتون ٿيون آهن. پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم انهن ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مشاورتي ڪميٽي ۽ هڪ رابطا ڪميٽي ٺاهي ويندي. ذريعن مطابق ملاقاتون پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٿيون آهن، ملاقاتن ۾ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڊوائزري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهن ملاقاتن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر به شريڪ ٿيا. ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مقامي ماڻهن کي مڪمل اختيار ڏيڻ بنا ڪراچي جي مسئلن جو حل ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.