پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪراچي ۾ فائرنگ سبب سماء ٽي وي جو صحافي فوت

ريسڪيو ذريعن موجب نارٿ ناظم آباد فائيو اسٽار چورنگي ويجهو گاڏيءَ تي فائرنگ سبب ڪار سوار فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ اطهر متين جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جو مڙهه عباسي شهيد اسپتال نيو ويو آهي. ايس پي گلبرگ طاهر نوراني موجب واقعي کانپوءِ موٽرسائيڪل سوار پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي ٻئي شهري کان موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا.